Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
آهي۔([1]) الله پاڪ فرمائي ٿو:
بِئۡسَمَا اشۡتَرَوۡا بِہٖۤ اَنۡفُسَہُمۡ اَنۡ یَّکۡفُرُوۡا بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ بَغۡیًا اَنۡ یُّنَزِّلَ اللّٰہُ مِنۡ فَضۡلِہٖ عَلٰی مَنۡ یَّشَآءُ مِنۡ عِبَادِہٖ ۚ (پاره:1،سورۂ بقرۃ:90)
ترجَموڪنزُالعرفان: انهن پنهنجي جانين جو ڪيترو برو سودو ڪيو ته الله جيڪو نازل فرمايو ان جو انڪار ڪري رهيا آهن ان حسد جي ڪري جو الله پنهنجي فضل سان پنهنجي جنهن ٻانهي تي چاهيندو آهي وحي نازل فرمائيندو آهي.
تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: يهودين جي خواهش هئي ختمِ نبوت جو منصب بني اسرائيل مان ڪنهن کي ملي ها، پر جڏهن انهن ڏٺو ته هو هن منصب کان محروم رهيا ۽ بني اسماعيل کي هي منصب ملي ويو ته هو حسد جي ڪري حضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ انهن تي نازل ٿيڻ واري الله پاڪ جي ڪتاب قرآنِ ڪريم جا منڪر ٿي ويا۔ هن مان خبر پئي ته منصب ۽ مرتبي جي طلب انسان جي دل ۾ حسد پيدا ڪرڻ جو هڪ سبب آهي ۽ هي به معلوم ٿيو ته حسد اهڙو خبيث مرض آهي جيڪو انسان کي ڪفر تائين به وٺي وڃي سگھي ٿو۔([2])حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهوءَ جي دل ۾ ايمان ۽ حسد گڏ نٿا ٿي سگھن۔([3])
لهٰذا جيڪو شخص پنهنجي دِل جي اِصلاح چاهي ٿو، ان کي گھرجي ته حَسَد کان بچي، جيڪو ڪجھ الله پاڪ ان کي عطا فرمايو آهي، ان تي راضي رهي، ٻين کي ملندڙ نعمتن تي نظر نه رکي، لالچ، مال ۽ دولت جي محبّت کان