Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

جواب ڏنائين: جي ها! لهي ويندي آهي، ڇا اوهان ناهي ڏٺو، رَسِّي سان ڏول ٻڌي کوھ ۾  لٽڪائيندا آهيون، پوءِ ڇڪيندا آهيون ، کوھ جي ڀت جو مٿيو حصو  پٿر جو هوندو آهي، ان جي باوُجود رَسِّي ڇڪڻ سان ان تي نشان ٿي ويندا آهن (يعني رَسِّي پٿر ۾ نشان ڪري سگھي ٿي ته  ڦرهي تان سياهي ڇو نٿي لاهي سگھي)۔ ان ماڻهو چيو: پُٽ! پٿر ۾ نشان ته هڪ عرصو لنگھڻ کان پوءِ ٿيندو آهي۔ ٻار چيو: جي نه! رَسِّي ڇڪڻ سان نشان ٿيندو آهي، جيڪڏهن رَسِّي نه ڇڪي وڃي، پوءِ چاهي صديون گذري وڃن، کوھ جي منڍير ۾ نشان نه ٿيندا۔ ان سان گڏ ٻار نصيحت ڪندي چيو: اي چڱا انسان! مون اوهان کي اِشَارو ڏنو آهي، جيڪڏهن اوهان هن ۾ غور ڪيو ها ته اوهان جي دِل جي سياهي به مٽجي وڃي ها۔ ماڻهو حيرت مان پڇيو: ڇا منهنجي دِل تي به سياهي آهي؟ ٻار چيو: چاچا سائين! سياهي ڪهڙي رنگ جي هوندي آهي؟ چيائين: ڪاري رنگ جي۔ ٻار چيو: ته گُنَاهن کان وڌيڪ ڪاري ڪهڙي شيء آهي؟ هي ٻڌندي هو ماڻهو دانهون ڪندي شرمسار ٿي روئڻ لڳو۔ ٻار چيو: چاچا سائين! هاڻي اوهان کي دِل صاف ڪرڻ جي دَوا ملي وئي آهي۔ ان شخص وري حيراني وچان پڇيو: اها دوا ڪهڙي آهي؟ ٻار چيو: شرمساري جا لڙڪ...!! هي گُنَاهن کي ڌوئي دِل صاف ڪندا آهن ۽ هن جو دليل هي آهي ته الله پاڪ جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: بيشڪ لڙڪ قيامت جي ڏينهن باھ جي سمنڊن کي وسائي ڇڏيندا۔([1])

دِل ہائے گُناہوں سے بیزار نہیں ہوتا  مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کوشش اِصْلاح نہیں ہوتی   پاکیزہ گُنَاہوں سے کردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے  دِل آہ! مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا

افسوس! ندامت بھی عِصْیاں پہ نہیں ہوتی نیکی کی طرف مائِل عطّاؔر نہیں ہوتا([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                                صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...بستان الواعظین، صفحہ:100بتغیر۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:163-165 ملتقطاً۔