Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ليڪچر پورو ڪيو ته مون يڪدم چيو: سَر! هي سڀ ڪجھ ته اسان کي ڪربلا به سيکاري ٿو، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسان کي صرف صبر ٻڌايو نه، بلڪ ڪري ڏيکاريو، حِلم، بُرد باري، قُوَّتِ برداشت، خود اعتمادي وغيره هي سڀئي اهي ڳالهيون آهن جيڪي امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسان کي توڙي جو لکي نه ڏنيون، پر ڪري ضرور ڏيکاريون آهن۔

منهنجي هي ڳالھ ٻُڌي ٽيچر حيرت ۾ پئجي ويو، پوءِ ڪجھ دير بعد چيائين: ها! واقعي...!! يورپي مُفَڪر اسان کي ڪهاڻي لکي سمجھايو پر امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه هي سڀ ڪجھ عملي طَور تي ڪري ڏيکاريو آهي۔

انسان کو بیدار تو ہو لینے دو                                   ہر قوم پُکارے گی ہمارے ہیں حُسَین

 ڪاميابي جا 3 اُصُول

اهڙي طرح هڪ غير مسلم مُفَڪر آهي، ان پنهنجي طرفان هڪ تجزيو پيش ڪري چيو: زِندگي ۾ ڪاميابي جا 3 اُصُول آهن: (1): بُک برداشت ڪرڻ جي طاقت (2): انتظار (3): سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت۔

 هي ٽي اُصُول هڪ غير مسلم مُفَڪر بيان ڪيا، ٿورو هن ٽنهي اُصُولن کي سامهون رکي ڪربلا واري واقعي کي ذِهن ۾ آڻيو! ڪربلا ۾ اسان کي هي ٽئي ڳالهيون ملن ٿيون:

(1): غير مسلم مُفَڪر چيو: ڪاميابي جي لاءِ بک برداشت ڪرڻ جي طاقت ضروري آهي، ميدانِ ڪربلا ۾ اسان ڏسون ٿا؛ سخت گرمي آهي، ريگستان آهي، تپندڙ زمين آهي ۽ ڏينهن جي سخت بک اُڃ آهي، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان وٺي ننڍڙي شهزادي حضرت علي اَصغَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه تائين سڀئي اڃايل آهن، خالي اُڃ هجي ته ٻئي ڳالھ آهي، اڃايل هئڻ سان گڏوگڏ جنگ به آهي ، پنهنجي طرفان جنگ ڪرڻ جو ڪو اِرادو به نه آهي، الله ۽ رسول جي عطا سان سڀ ڪجھ ڪرڻ جي همت ۽ طاقت به آهي، اِختيار به آهي پر قربان وڃون! سخت اُڃ به انهن بُلند رُتبو رکندڙ هستين کي لوڏي نه سگھي، چست يزيدي لشڪرن جي