Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

کان بچون، محض گفتار جا نه، ڪردار جا حسيني بڻجي وڃون۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔

(11): يزيد ۽ دُنيا پرستي

   اي عاشقانِ رسول! هڪ اَهم ڳالھ جيڪا اسان کي ڪربلا مان سکڻ لاءِ ملي ٿي، اها هي ته يزيد بدبخت ميدانِ ڪربلا ۾ جيترو ظُلم ڪيو، ڪرايو، هي سڀ اَصل ۾ دُنيا جي محبّت ۽ لالچ جو نتيجو هو۔ شيخِ طريقت، امير اهلسنت، حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَت بَرَکَاتُهُمُ العَالِيه فرمائن ٿا: يزيد پليد مال، ملڪيت ۽ شهرت جي مَحَبَّت جي ئي ڪري ڪربلا جي ڀيانڪ واقعي ٿيڻ جو سبب بڻيو۔ ان ظالم بدانجام کي امامِ عالي مقام سيّدُنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذاتِ گرامي کان پنهنجي اقتدار کي خطرو محسوس ٿيندو هو۔ حالانڪه سيّدُنا امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فاني دنيا جي اقتدار سان ڪهڙو تعلق! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ته ڪالهه به امتِ مسلمه جي دلين جا تاجدار هئا، اڄ به آهن ۽ قيامت تائين رهندا۔

نہ شمر ہی کا وہ ستم رہا، نہ یزید کی وہ جفا رہی             جو رہا تو نام حسین کا، جسے زندہ رکھتی ہےکربلا

حُبِّ جاه و مال جي مذَمَّت

 اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وڌيڪ فرمائن ٿا: حُبّ جاهه ۽ مال (يعني شهرت ۽ دولت جي محبت) تمام گهڻو وَبال آهي، منهنجي پياري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمانِ معظم آهي؛ ”ٻه بُکيا بگهڙ ٻڪرين ۾ ڇڏيا وڃن (ته) اهي ايترو نقصان ناهن پهچائيندا جيتري دولت ۽ مرتبي جي لالچ انسان جي دين کي نقصان پهچائيندي آهي۔ ([1])

نبين جا سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: حُبُّ الدُّنیا رَاْسُ کُلِّ خَطِیْئَۃٍ


 

 



[1]...ترمذی ، کتاب الزہد، صفحہ:565، حدیث:2383۔