Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

رهيون آهن، ظُلم ۽ ڏاڍ جا جبل ڪري رهيا هئا ۽ نواسهءِ رسول قرآن ۽ سُنّت کي مضبوط پڪڙي هرهر قدم عين شريعت جي مطابق کڻي رهيا آهن، نيٺ شهادت کي سيني سان لڳائن ٿا پر سندن همّت ۽ حوصلي ۾ ذَرَّي برابر به گهٽتائي نٿي اچي۔

ابنِ علی کے جیسا کوئی دوسرا نہیں                       تیغوں کے سائے میں بھی جو دِل باختہ نہیں

ہو مثل آپ کے جو مہک دار یاحُسَین                   صحنِ چمن میں کوئی گُل ایسا کِھلا نہیں

ہر سُو رواں ہے آج بھی سِکَّہ حُسَین کا                   سِکَّہ یزیدیوں کا کہیں پر چلا نہیں

اي عاشقانِ رسول! اهي سڀ ڳالهيون عرض ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته ڏسو! اَڄُ جا مفڪر ڪاميابي، ترقي ۽ انقلاب جا جيڪي رستا ڏيکارين ٿا، ڊگھا ڊگھا ليڪچر (Lecture) ڏين ٿا، هي سڀ ڳالهيون اڄ کان اٽڪل 1 هزار 3 سو 82 سال پهريان امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪري ڏيکاري چڪا آهن، ميدانِ ڪربلا ۾ هي سڀ نظريات موجود آهن۔

وہ مشرقی پُکار ہو یا مغربی صدا                                تفریقِ رنگ و نسل پہ غالِب ہے کربلا

شاعِر کسی خیال کا ہو یا کوئی اَدِیب                         واعِظ کسی دیار کا ہو یاکوئی خطیب

دیکھو تو سلسلہ ادبِ مَشْرِقَیْن کا                            دُنیا کی ہر زبان پہ قبضہ حُسَیْن کا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڇا  اسان واقعي حسيني آهيون...؟؟

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻُڌو! ڪربلا هڪ زِندگي جو درس آهي، اڄ جا مفڪر جيڪي نظريا بيان ڪري پنهنجو دُڪان چمڪائن ٿا، امامِ عالي مقام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهي سڀ اسان کي پهريان کان ميدانِ ڪربلا ۾ ڪري ڏيکاري چُڪا آهن۔ هاڻي اسان کي غَور اِهو ڪرڻو آهي ته ڇا اسان به امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان، ڪربلا مان ڪجھ سکيو يا نه...؟؟ امامِ عالي مقام، امام