Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ڇوته هي آيت اڳوڻين امتن سان خاص نه آهي بلڪه هر ظالم کي عام آهي۔([1])

الله پاڪ اسان کي مسلمانن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ ۽ انهن تي ڪنهن به طرح سان ظلم ۽ زيادتي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

شيطان جي پيروي ڪرڻ يزيدي ڪردار آهي

اهڙي طرح امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: يزيد رحمٰن جي اطاعت ڇڏي ٿو، شيطان جي پيروي ڪري ٿو۔

الله! الله! هي ته وڏو امتحان آهي *نماز پڙھڻ رحمٰن جي اطاعت آهي، نه پڙھڻ شيطان جي پيروي آهي، اسان مان ڪيترا ماڻهو پڪا نمازي آهن؟ *نيڪي ڪرڻ رحمٰن جي اطاعت آهي، گُنَاهن ۾ پوڻ شيطان جي اطاعت آهي، اسان مان ڪيترا ماڻهو گُنَاهن کان بچن ٿا؟ *رمضان جا روزا رکڻ رحمٰن جي اطاعت آهي، روزا نه رکڻ شيطان جي پيروي آهي، غور فرمايو! ڪيترا ماڻهو روزا رکن ٿا؟ *ماءُ پيءُ جي اطاعت ڪرڻ * ڀينرن ڀائرن جا حق پُورا ڪرڻ * زال جا حق پُورا ڪرڻ *مسلمانن جي عزّت ڪرڻ *پُورو پُورو اسلام ۾ داخِل ٿيڻ، رحمٰن جي اطاعت آهي، ان جو اُبتڙ ڪرڻ شيطان جي پيروي آهي * ڪوڙ ڳالهائڻ، غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ، وعده خِلافي، گار گند، هي سڀئي گُنَاھ آهن، شيطان جي پيروي آهي، اسان مان ڪيترا ماڻهو انهن گُنَاهن کان بچن ٿا؟

هي يزيد جو بُرو ڪردار آهي، هي سڀ اهي ڳالهيون آهن جن جي بنياد تي امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه يزيد جي بيعت کان انڪارڪيو هو، ميدانِ ڪربلا ۾ لازوال قرباني پيش فرمائي هئي، اسان غور ڪريون! خدانخواسته اسان جو ڪردار به اهڙو ئي آهي، الله نه ڪري اسان شيطان جي پيروي ڪرڻ وارا، فاسق ۽  فاجر بڻجون ته ٿورو سوچيو! ڇا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسان سان خوش ٿي ويندا؟ هر گز نه۔ هي سڀ ڳالهيون اسان کي ڪربلا مان سکڻ لاءِ مليون آهن، لهٰذا جيڪڏهن اسان سچا حسيني آهيون ته اسان کي گھرجي ته اسان يزيدي ڪردار


 

 



[1]...تفسیر صاوی، پارہ:12، سورۂ ہود، تحت الآیۃ:102، جلد:3، صفحہ:931۔