Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

رضا جو سڄي جھان ۾ لازوال مثال قائِم ڪيو۔

باغ جنّت کے ہیں بہرِ مدح خوانِ اَہْلِ بیت           تم کو مژدہ نار کا اے دشمنانِ اَہْلِ بیت

ان کی پاکی کا خُدائے پاک کرتا ہے بیاں               آیۂ تطہیر سے ظاہِر ہے شانِ اَہْلِ بیت

اُن کے گھر میں بےاجازت جبرئیل آتے نہیں  قدر والے جانتے ہیں قدر وشانِ اَہْلِ بیت

کس شَقی کی ہے حکومت ہائے کیا اندھیر ہے       دِن دِہاڑے لُٹ رہا ہے کاروانِ اَہْلِ بیت

گھر لُٹانا جان دینا کوئی تجھ سے سیکھ جائے            جانِ عالَم ہو فدا اے خاندانِ اَہْلِ بیت([1])

                                           وضاحت: اهلِ بيت جو شان بيان ڪرڻ وارن جو مقدر جنت آهي ۽ اي اهلِ بيت جا دشمنؤ! توهان لاءِ باھ آهي، الله پاڪ آيتِ تطهير (اِنَّمَا يرِيدُ اللّٰهُ لِيُذۡهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ اَهلَ البَيتِ وَ يطَهِّرَكُم تَطهِيرًاۚ) اهلِ بيت جو شان ۽ پاڪي بيان فرمائي آهي ۽ حضرت جبرائيل  عَلَيه السَّلَام  به اهلِبيت جي گھر ۾ بغير اجازت داخل ناهن ٿيندا ڇوته عزت وارا ئي اهلِ بيت جي عظمت سڃاڻن ٿا، هي ڪنهن بد بخت جي حڪومت آهي؟ هي ڪهڙو ظلم آهي؟ جو ڏينهن ڏٺي ئي اهلِ بيت جو قافلو لٽيو پيو وڃي، حق جي راھ ۾ پنهنجي جان ڏيڻ ۽ پنهنجو سڀ ڪجھ لُٽائڻ ڪو اهلِ بيت جي خاندان کان سکي! اوهان تي ساري عالَم جي جان فدا ٿئي۔

زمين ۽ آسمان رُنا، رت جي برسات ٿي

  علّامه اِبنِ حجر مڪي رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه لکن ٿا: جڏهن حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه شهيد ڪيا ويا ته سج کي گرهڻ لڳو، آسمان ڳاڙهو لال ٿي ويو، ٽن ڏينهن تائين دُنيا تي اونداھي ڇانيل رهي، ايستائين جو ڏينهن ۾ تارا نظر اچڻ لڳا، ڪيئي ڏينهن تائين آسمان مان رت ٽمندو رهيو، ان جي اَثَر سان ديوارون ۽ عمارتون رنگين ٿي ويون، جيڪو ڪپڙو هن سان رنگين ٿيو، ان جي ڳاڙهاڻ پُرزو پُرزو ٿيڻ تي به نه  لٿي، بيت المقدس ۾ جيڪو پٿر ان ڏينهن کنيو ويندو هو، ان جي هيٺان تازو رت نڪرندو هو، هي عالَم ڏسي ماڻهن کي گمان ٿيو ته شايد قيامت


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:100-101-103ملتقطاً۔