Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

اسان جا طَور طريقا اسان جي حسيني هئڻ جي شاهدي نٿا ڏين۔

آپ ہی تو کلمۂ طیب کے ٹھہرے پاسباں           آپ کے سَر ہی بقائے دِیں کا سہرا حُسَین!

ہم تو سچّا عشق بھی تم سے نہیں کر پائے ہیں          اور تم نے ہم سبھی کو خُون دے ڈالا حُسَین!

 يزيد جو بُرو ڪردار ۽ دَرسِ عبرت

  پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايتري وڏي قرباني ڇو پيش ڪئي...؟ يقيناً کين تاج ۽ تخت ۽ حڪومت سان ڪو سروڪار نه هو، پاڻ ته جنّتي نوجوانن جا سردار آهن، الله پاڪ جي عطا سان جنهن کي جنت ۾ حڪومت ۽ سرداري ملي هجي، ان کي دُنيا جي عارضي حڪومت جو حِرص ڀلا ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ پر غور طلب ڳالھ آهي، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه آخر يزيد جي بيعت ڇونه ڪئي؟ ڇا کين يزيد جي ذات سان اِختلاف هو؟ نه... کين يزيد جي ذات سان اِختلاف نه هو، کين يزيد جي ڪردار سان اِختلاف هو۔ جيڪڏهن يزيد بدبخت جو ڪردار بهتر هجي ها، هو بدانجام قرآن ۽ سُنّت جو پيروڪار هجي ها ته امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه هر گز ان جي بيعت کان انڪار نه ڪن ها پر ان بدبخت جو ڪردار سٺو نه هو، ان جو اَخلاق چڱو نه هو، ان جون عادتون بُريون هيون، يزيد فاسق هو، يزيد فاجِر هو، يزيد زاني هو، يزيد شرابي هو، يزيد قرآن ۽ سُنّت جي مخالفت ڪندو هو، ان ڪري امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان جي بيعت نه ڪئي ۽ اهڙي لازوال قرباني پيش فرمائي۔

هاڻي ٿورو غور فرمايو! جڏهن امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه يزيد جي بُري ڪردار سان خوش نه ٿيا ته جيڪڏهن اهو ئي ڪردار اسان جو به هجي، جيڪي عادتون يزيد جون هيون، اهڙيون ئي عادتون اسان جون به هجن، جيئن گندو اَخلاق يزيد جو هو، اهڙو ئي اسان جو به هجي ڇا امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسان سان خوش ٿيندا...؟؟

اچو! ڏسون ٿا؛ يزيد جو ڪردار ڪهڙو هو؟ يزيد پليد ۾ اهي ڪهڙيون غليظ عادتون هيون، جن جي ڪري امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان جي بيعت ڪرڻ پسند نه فرمائي: