Share this link via
Personality Websites!
حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه عظيم هستي آهن، يقيناً هر عاشقِ رسول امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان محبّت به ڪري ٿو، پاڻ کي حسيني به چئي ٿو ۽ پنهنجي حسيني هئڻ تي فخر به ڪري ٿو، بِلاشُبه حسيني هئڻ، امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان محبّت ۽ عقيدت رکڻ تمام وڏي سَعَادت آهي۔
پر وڏي افسوس جهڙي ڳالھ هي آهي، ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد آهي، جيڪو صِرف مُحَرَّمُ الحرام ۾، اهو به فقط دِيني اجتماعن ۾ ۽ اتي به محض زباني ڪلامي حسيني هوندا آهن۔ اسان غور ڪريون! ڇا اسان واقعي حسيني آهيون؟ ڇا اسان گھر ۾ به حسيني هوندا آهيون؟ گلي ۾، محلي ۾، دُڪان تي، ڪاروبار ڪندي، دفتر ۾، دوستن جي محفل ۾ ڇا اسان حسيني هوندا آهيون؟ جهڙو اَخلاق، جهڙو ڪردار، جهڙي پاڪيزه عادتون امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون هيون، ڇا اسان امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيروي ۾ اهڙا اَخلاق، اهڙو ڪردار، اُن جهڙيون عادتون اپنائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا؟ عِلمِ دِين جو اهو مبارڪ سمنڊ جيڪو امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيني ۾ ڇوليون هڻي رهيو هو، ڇا اسان اهو عِلم سکڻ ڏانهن اڳتي وڌيا آهيون؟ اسان دِيني اجتماعن ۾ اچي امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شان ۽ عظمت جا نعرا لڳايون ٿا، تمام سٺي ڳالھ آهي پر جڏهن اسان گھر وڃي پنهنجي ٻارن جي هٿ ۾ موبائل ڏيون ٿا، انهن کي T.V هلائي ڏيون ٿا، ڇا اسان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته هن موبائل ۽ هن T.V جي ذريعي ڇا اسان پنهنجي ٻارن کي حُسينيت ڏئي رهيا آهيون؟ اسان جو ٻار جڏهن ڪلهن تي ڪتابن جو بستو کڻي پڙهڻ ويندو آهي، ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڇا هنن ڪتابن ۾ به حُسينيت موجود آهي يا نه؟
الحمد لله! اسان امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مڃون به ٿا، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان محبّت جي دعويٰ به ڪريون ٿا، پاڻ کي حسيني سڏيون به ٿا ۽ هن تي فخر به ڪريون ٿا پر افسوس! اسان ڪربلا مان سبق نٿا پرايون، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت تي هلڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون، اسان جو ڪردار، اسان جا اَخلاق،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami