Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ابنِ شاہِ عرب! مرضِ عصیاں سے اب              دیدو مجھ کو شِفَا یاشہِ کربلا!

ایک مظلوم کو اپنے مغموم کو                              آفتوں سے چُھڑا یاشہِ کربلا!

دِل کو مِل جائے چَین المدد یاحُسَین!                        ہوں بہت غمزدہ یاشہِ کربلا!

سُن لو فریاد کو آؤ اِمْداد کو                                        ابنِ   مشکل   کُشَا   یاشہِ  کربلا! ([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول! 10 محرم الحرام تي شهيدن جي سردار، حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ايصال ثواب جو اهتمام ڪريو، گھرن ۾ محفلن جو اهتمام ڪريو ۽ يارهين شريف تي حسيني سيد، حضور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ايصال ثواب جو به اهتمام ڪريو۔ اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: واپاري پنهنجي روزاني جي وڪري (Sale) جو هڪ سيڪڙو جڏهن ته پگھار وارا پنهنجي هر پگھار جي رقم مان ڪم ازڪم 2 فيصد ڪڍن ۽ ماهوار يارهين شريف جي نياز ڪن ته
اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! اُن جي روزي ۾ بَرَڪت ٿيندي۔ (جيڪڏهن گھر ۾ نياز ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ هجي ته ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ اها رقم خرچ ڪريو۔)

ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

اي عاشقانِ رسول! پڪو سچو حسيني بڻجڻ جي لاءِ، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ جو فيضان حاصِل ڪرڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو۔ هن سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي 12 دِيني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي حِصو وٺو، اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو فيضان نصيب ٿيندو ۽ دِين ۽ دُنيا جون کوڙ ڀلائيون هٿ اينديون۔ دَعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو۔

الحمد لله! امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ ٻين شهداءِ ڪربلا جي ايصالِ ثواب جي لاءِ


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:528 ملتقطاً۔