Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

قائِم ٿي وئي آهي۔([1]) مطلب زمين ۽ آسمان ۾ هڪ غم جي ڪيفيت هئي، تمام دُنيا رنج ۽ غم ۾ ٻڏل هئي، آسمان رُنو، زمين رُني، جنن جي غمگين شعر پڙھڻ جو آواز ٻڌو ويو۔ الله اڪبر!

ہزاروں میں بہَتَّر(72) تَن تھے تسلیم و رضا والے       حقیقت میں خُدا ان کا تھا اور یہ تھے خدا والے

کسی نے جب وطن پوچھا تو حضرت نے یہ فرمایا: مدینے والے کہلاتے تھے، اب ہیں کربلا والے

حسین ابنِ علی کی کیا مدد کر سکتا تھا کوئی                   یہ خود مشکل کُشا تھے اور تھے مشکل کشا والے

دوائے دَرْدِ عصیاں پنج تن کے در سے ملتی ہے    زمانے میں یہی مشہور ہیں دارُالشفا والے

ڪربلا زِندگي جو   دَرس  آهي

  اي عاشقانِ رسول! يقيناً ڪربلا نهايت غمناڪ ۽ دِل ڏڪائڻ وارو واقعو آهي، پر ياد رکو! ڪربلا صِرف هڪ سانحو نه هو، سانحا دُنيا ۾ کوڙ ٿيا آهن، ظُلم ۽ سِتَم جا وڏا وڏا داستان هن زمين تي رقم ٿيا پر اهي سڀ مٽجي ويا، اڄ ماڻهن جي دِل ۽ دِماغ ۾ اُنهن جو خيال تائين موجود نه آهي، جيڪڏهن ڪربلا به صِرف هڪ سانحو هجي ها ته اٽڪل 1 هزار 3 سو 82 سال کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ باوُجُود هن کي ذِهنن ۾ ايئن تازو نه رکيو وڃي ها، لهٰذا ڪربلا صِرف هڪ سانحو نه آهي، هي زِندگي جي درس بابت هڪ مڪمل ڪتاب به آهي، ڪربلا وارو واقعو اسان کي ڪاميابي جون راهون ٻڌائي ٿو، ترقي جا موقعا ڏيکاري ٿو، زِندگي جا اُصُول به سيکاري ٿو ۽ عظمت ۽ شان سان جيئڻ جو دَرس به ڏئي ٿو۔

رسالو ”ڪربلا جو خوني منظر“

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو هڪ رسالو آهي: ڪربلا جو خوني منظر۔ هي رسالو


 

 



[1]...الصواعق المحرقۃ، الباب الحادی عشر، فی فضائل اہل البیت، صفحہ:240-241۔