Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

(1): حسنين جي نانا، رحمتِ دارَين صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حُسَيْنٌ مِنِّي وَاَنَا مِنْ حُسَيْنٍ، اَحَبَّ اللَّهُ مَنْ اَحَبَّ حُسَيْنًا يعني حُسَين مون مان آهي ۽ مان حُسَين مان آهيان، جيڪو حُسَين سان محبت ڪري، الله پاڪ ان سان محبت فرمائي ٿو.([1]) (2): هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: حَسَن ۽ حُسَين سان جنهن محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن انهن سان دُشمني ڪئي، ان مون سان دُشمني ڪئي.([2]) (3): بخاري شريف ۾ روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هُمَا رَيحَانَتَايَ مِنَ الدُّنيَا حَسَن ۽ حُسَين دُنيا ۾ منهنجا ٻه گل آهن۔([3])

اُن دو کا صدقہ جن کو کہا میرے پھول ہیں    کیجئے رضاؔ کو حشر میں خَنداں مثالِ گُل([4])

                                                        وضاحت: اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عرض ڪن ٿا: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان فرمايو: حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا ٻئي منهنجا گل آهن۔ هنن ٻنهي جنتي گلن جو صَدقو! احمد رضا کي سڀاڻي قِيامت جي ڏينهن گل جيان ٽرندو کلندو رکجان۔

(4): ۽ تِرمذي شريف جي روايت ۾ آهي: حَسَن ۽ حُسَين جنّتي جوانن جا سردار آهن۔([5])

امام ِعالي مقام، امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه 5 شعبان المعظم، 4 هجري تي مديني پاڪ ۾ پيدا ٿيا۔([6]) 55 سال، 5 مهينا، 5 ڏينهن هن دُنيا ۾ جلوه افروز رهيا، 10 محرم الحرام، 61 هجري، جمعي جي ڏينهن کين انتهائي مظلوميت سان شهيد ڪيو ويو۔([7]) سندن حق تي ثابت قدمي، جوان مردي (بهادري)، استقامت ۽ صبر و


 

 



[1]...ترمذی، ابواب المناقب، صفحہ:857، حدیث:3782۔

[2]...مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابۃ، جلد:3، صفحہ:182، حدیث:4777۔

[3]...بخاری، کتاب فضائل اصحاب النبی، باب مناقب الحسن والحسین، صفحہ:949، حدیث:3753۔

[4]...حدائق بخشش، صفحہ:77۔

[5]...ترمذی، ابواب المناقب، صفحہ:855، حدیث:3775۔

[6]...امام حسین کی کرامات، صفحہ:3۔

[7]...سوانح کربلا، صفحہ:170۔