Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

(1):يزيد سُنت بدلائڻ وارو هو

 غيب ڄاڻڻ واري آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون اَوَّلُ مَنْ یُبَدِّلُ سُنَّتِی رَجُلٌ مِّنْ بَنِیْ اُمَیَّۃَ یُقَالُ لَہٗ یَزِیْدُ منهنجي سُنّت کي بدلڻ وارو پهريون شخص بنو اُمَيه مان هوندو، ان کي يزيد چيو ويندو۔([1])

معلوم ٿيو؛ يزيد سُنّت کي بدلڻ وارو، خلافِ سُنّت ڪمن کي رواج ڏيڻ وارو هو، هو بدبخت پاڻ به سُنّتِ مُصطفيٰ جي پيروي نه ڪندو هو ۽ ٻين کي به خِلافِ سُنّت ڪمن تي اُڀاريندو هو۔ هاڻي اسان ٿورو پاڻ تي غور ڪريون! اسان ڪيترين سُنتن تي عَمَل ڪريون ٿا؟ ڇا اسان جو لباس سُنّت جي مطابق آهي؟ اسان جي زِندگي جو انداز، اسان جو اُٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ جو انداز، اسان جو چهرو، اسان جا طَور طريقا، اسان جون رسمون، ڇا هي سڀ ڪجھ سُنّت جي مُطَابق آهن؟ اسان جي معاشري ۾ جڏهن ڪو سُنّت تي عَمل ڪري ٿو ته ڇا ماڻهو ان کي ڳالهيون نٿا ٻڌائن؟ مٿي تي عمامو سجائڻ، چهري تي ڏاڙھي رکڻ، سُنّت جي مطابق لباس پائڻ واري تي آڱريون نٿيو کڄن؟ ڇا ان عاشِقِ سُنّت تي ٺٺول جا تِير نٿا هلايا وڃن...؟ افسوس! هاڻي به مسلمانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو پاڻ ته سُنّت جي راھ کان پري آهن، ان سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ٽيڏي اکين سان ڏسن ٿا۔

آہ! وہ دَور آیا کہ دیوانۂ نبی کے لئے                     ہر ایک ہاتھ میں پتھر دِکھائی دیتا ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! سُنّت جي مخالفت ڪرڻ ۽ خِلافِ سُنّت ڪمن کي رواج ڏيڻ يزيد جو بُرو ڪردار آهي، جيڪڏهن اسان حسيني آهيون ۽ اسان کي واقعي حسيني هئڻ گھرجي، ته اسان کي گھرجي ته اسان يزيد جي ان بُري ڪردار سان نفرت ڪريون، اسان پاڻ به سُنتن تي عمل ڪريون ۽ ٻين کي به سُنّت جي ترغيب ڏياريون۔


 

 



[1]...تاریخ دمشق لابن عساکر، جلد:65، صفحہ:250۔