Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ڪافِرن جو ڪم آهي، هڪ سچو حسيني نيڪي کان روڪيندو ناهي، بلڪه نيڪين تي اُڪسائيندو آهي۔ الله پاڪ اسان کي به نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

مجھے دے خود کو بھی اور ساری دنیا والوں کو          سدھارنے کی تڑپ اور حوصلہ یارَبّ

  (2-9): يزيد پليد جون 7 بُريون عادتون

پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه يزيد پليد جي بُري ڪردار کان بخوبي واقف هئا، هاڻي اچو! ڏسون ٿا؛ امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ يزيد جي بُري ڪردار جي ڪيئن نشاندهي فرمائي۔ صدر الاَفاضِل، مفتي نعيم الدين مرادآبادي رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه لکن ٿا: جڏهن امام عالي مقام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سامهون يزيد بدبخت جي بيعت پيش ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائون: لِاَنّہٗ کَانَ فَاسِقًا، مُدْمِنَ الْخَمَرِ ظَالِماً يزيد فاسِق (يعني اعلانيه ڪبيره گُنَاھ ڪرڻ وارو)، شراب جو عادِي ۽ ظالِم آهي (ڀلا مان اهڙي جي بيعت ڪيئن ٿو ڪري سگھان)۔([1])

امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو خطبو

  جڏهن امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ميدانِ ڪربلا ڏانهن وڃي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ مقام تي پاڻ يزيدي لشڪر جي اڳيان خطبو ڏيندي ارشاد فرمايائون: اي انسانو! رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ جيڪو اهڙي حڪمران کي ڏسي، جيڪو ظلم ڪري ٿو، الله پاڪ جي حرام ڪيل شين کي حلال ڪندو هجي، الله پاڪ جو عهد ٽوڙيندو هجي، سُنّت جي مخالفت ڪندو هجي، ماڻهن ۾ گُنَاهن ۽ ظُلم ۽ زيادتي کي رواج ڏيندو هجي، ڏسڻ وارو جيڪڏهن اهڙي ظالِم کي بُرن ڪمن کان نه هٿ سان روڪي، نه زبان سان روڪي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان (ڏسڻ واري) کي ان (ظالِم) سان گڏ رکي۔ انسانو! ٻُڌو...!! بيشڪ انهن يزيدين شيطان جي اطاعت کي لازِم پڪڙيو،


 

 



[1]...سوانح کربلا، صفحہ:114۔