Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ظُلم جي مَذَمَّت

امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: يزيد ظالِم آهي۔ اسان جي معاشري ۾ ظُلم جي به گھڻائي آهي۔ کوڙ سارن ماڻهن جي ذِهن ۾ هي تَصَوُّر هوندو آهي ته ظُلم صرف قتل و غارت ئي کي چئبو آهي، جڏهن ته ايئن نه آهي، ناحق قتل به ظُلم آهي، ڪنهن کي ناحق ٿڦ هڻڻ به ظُلم آهي، ڪنهن جي رقم ڦٻائڻ، گاريون ڏيڻ، عزّت پامال ڪرڻ، ايستائين جو ٻين کي اکيون ڏيکاري ڊيڄارڻ، حديثن ۾ انهن کي به ظُلم قرار ڏنو ويو آهي۔

هاڻي ٻڌايو! اسان مان ڪيترا آهن جيڪي ظُلم کان بچن ٿا، اسان مان ڪيترا آهن جيڪي ٻين جا حق پُورا ڪن ٿا * مجمعي ۾ ٻين جي عزّت پائمال ڪرڻ * ماڻهن کي ڊيڄارڻ * ڌمڪيون ڏيڻ * قرض ڦٻائڻ * ناحق تڪليف پهچائڻ، هي سڀئي ظُلم جون صُورتون گھڻيون عام آهن، حالانڪه هي يزيدي ڪردار آهي، جيڪڏهن اسان حسيني آهيون ته اسان کي گھرجي ته مسلمانن جو احترام ڪريون، ٻين جي جاني، مالي هر طرح جا حق پُورا ادا ڪريون۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ کَذٰلِکَ اَخۡذُ رَبِّکَ اِذَاۤ اَخَذَ الۡقُرٰی وَ ہِیَ ظَالِمَۃٌ ؕ اِنَّ  اَخۡذَہٗۤ  اَلِیۡمٌ شَدِیۡدٌ (۱۰۲(پاره:12،سورۂ ھود:102)

ترجَموڪنزُالايمان: ۽ تنهنجي رب جي پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي جڏهن اهو ڳوٺن کي پڪڙيندو آهي جڏهن ٿته اهي ڳوٺ وارا ظالم هجن بيشڪ ان جي پڪڙ وڏي سخت دردناڪ آهي.

علامه صاوي رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته هر ظلم ڪرڻ واري تي لازم آهي ته هو پنهنجي ظلم کان توبه ڪري ۽ ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏي، ۽ جنهن جو جيڪو حق ڦٻايو هجي اهو ان کي موٽائي ڏئي ته جيئن هو هن عظيم وعيد ۾ داخل نه ٿئي