Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

۽ ڪربلا جي اَصل مقصد تي عَمَل ڪرڻ يعني بُرائي کان روڪڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ هزارين عاشقانِ رسول 8، 9، 10 ۽ 9، 10،11 محرم الحرام تي مدني قافلن ۾ سَفَر ڪن ٿا، اسان به مدني قافلن ۾ سَفَر جي سعادت حاصل ڪريون، عَمَلي طَور تي ڪربلا وارن جي ياد ملهايون ۽ وڏو ثواب حاصِل ڪريون۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

شرابي سُڌري ويو

 هند جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابستگي کان پهريان شراب نوشي، عَياشي ۽ هُل هنگامو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، والدين ۽ پاڙيسرين کي تنگ ڪرڻ، جُوا کيڏڻ منهنجو ڏينهن رات جو ڪم هو۔ هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمّيدار اسلامي ڀاءُ اِنفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري۔ ان جي ترغيب تي مان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس۔ مدني قافلي جي برڪت سان مون گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري نمازن جي پابندي ڪرڻ وارو، فجر جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ وارو ۽ ٻين کي مدني قافلن جو مسافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس۔([1])

لُوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو                                سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو

دل پہ گر زَنگ ہو، سارا گھر تنگ ہو                       داغ سارے دُھلیں ، قافِلے میں چلو

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايپلي ڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي جنهن جو نالو آهي: Online rohani ilaj & istikhara (آن لائن روحاني علاج اينڊ استخارو) هن ايپليڪيشن ۾ * آن لائن استخارو


 

 



[1]...برکاتِ مکہ ومدینہ، صفحہ:18۔