Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

رحمٰن جي اطاعت کي ڇڏي ڏنو، ماڻهن ۾ فساد پکيڙيو، الله پاڪ جي حدن کي پائمال ڪيو، الله پاڪ جي حرام ڪيل شين کي حلال ۽ حلال ڪيل شين کي حرام قرار ڏنو ۽ مان هن ڳالھ جو گھڻو حق رکان ٿو.([1]) ته اهڙي ظالِم جي سامهون حق ڳالھ چَوان۔

 اي عاشقانِ رسول! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه يزيد پليد جي 7 بُرين عادتن بابت ٻڌايو: (1): يزيد فاسِق آهي (2): يزيد شرابي آهي (3): يزيد ظالِم آهي (4): يزيد رحمٰن جي اطاعت کي ڇڏي شيطان جي پيروي ڪري ٿو (5): يزيد فساد ڦهلائي ٿو (6): يزيد الله پاڪ جي حدن کي پائمال ڪري ٿو (7): يزيد الله پاڪ جي حلال ڪيل شين کي حرام ۽ حرام ڪيل شين کي حلال ڪري ٿو۔

گُنَاهن جي نحوست!

هاڻي اسان پنهنجي ڪردار تي غور ڪريون! يزيد فاسق هو، فاسق ان کي چئبو آهي: جيڪو اِعلانيه گُنَاھ ڪندو هجي۔ اسان وٽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اعلانيه گُنَاهن کان بچن ٿا؟ ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گھٽائين ٿا، کوڙ ماڻهو آهن جيڪي ڏاڙهي ڪوڙائي  گھمندا وتن ٿا؟ ڳائڻ وڄائڻ اعلانيه هلي ٿو، ڪار، بَس وغيره هلائڻ وارا وڏي آواز ۾ گانو هلائي گُنَاھ به ڪري رهيا هوندا آهن ۽ پنهنجي گُنَاھ جو اِعلان به ڪندا آهن۔ گھرن ۾ وڏي آواز سان ڳائڻ وڄائڻ هلي رهيا هوندا آهن، اِعلانيه فلمون ڏٺيون پيون وڃن، ڊراما ڏٺا پيا وڃن، ڪٿي شادي هجي، تڏهن به سڄي محلي جي ننڊ حرام هوندي آهي ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ڪبيره گُنَاھ اعلانيه ٿي رهيا هوندا آهن۔

ڪربلا جي واقعي جو دَرس هي آهي ۽ اَصل حسيني هئڻ ان کي چيو ويندو آهي ته اسان گُنَاهن کان بچون۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَنۡ یُّشَاقِقِ الرَّسُوۡلَ مِنۡۢ بَعۡدِ مَا تَبَیَّنَ لَہُ الۡہُدٰی وَ یَتَّبِعۡ غَیۡرَ  سَبِیۡلِ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ نُوَلِّہٖ مَا تَوَلّٰی وَ نُصۡلِہٖ جَہَنَّمَ ؕ وَ سَآءَتۡ مَصِیۡرًا (۱۱۵(پاره:5،سورۂ نساء:115)

ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ جيڪو ان کان پوءِ جو ان جي لاءِ هدايت بلڪل واضح ٿي چڪي هئي رسول جي مخالفت ڪري ۽ مسلمانن جي راھ کان عليحده واٽ هلي ته اسان ان کي اوڏانهن ئي ڦيري ڇڏينداسين جيڏانهن اهو ڦري ٿو ۽ ان کي جهنم ۾ داخل ڪنداسين ۽ اها  ڪيتري بُري موٽڻ جي جاءِ آهي.


 

 



[1]...تاریخ طبری، جلد:3، صفحہ:306خلاصۃً۔