Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

سنّت جي فضيلت بابت 3 حديثون

(1): تاجدارِ رسالت، شَهنشاھ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو([1]) (2): هڪ ڏينهن پياري آقا، مديني واري مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 3 ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت هجي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا([2])(3): رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ تَمَسَّكَ بِالسُّنَّةِ دَخَلَ الْجَنَّةَ يعني جنهن منهنجي سُنّت کي مضبوطي سان پڪڙيو هو جنت ۾ داخل ٿيندو۔([3])

پڑوسی خُلد میں عطّارؔ کو اپنا بنا  لینا                           جہاں ہیں اتنے اِحساں اور اِحساں یارسولَ اللہ

 الله پاڪ اسان کي سُنتن جو پيڪر بڻائي، اسان کي پاڻ به سُنتن تي عَمَل ڪرڻو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيڻي آهي، هاڻي اهي نادان جيڪي مَعَاذَالله! نيڪي جي راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجن ٿا، سنتن تي عَمَل ڪرڻ وارن کي ٽيڙي نگاهن سان ڏسن ٿا، انهن تي ٺٺولون ڪن ٿا، انهن کي ڊڄڻ گھرجي، نيڪي کان روڪڻ يا ان راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ ڪافِرن جو انداز آهي، وليد بن مغيره جيڪو وڏو گستاخِ رسول ۽ پڪو ڪافِر هو، الله پاڪ ان جو هڪ بُري صفت هي بيان فرمائي:

مَّنَّاعٍ لِّلْخَیْرِ  (پاره:29،سورۂ قلم:12)

ترجَموڪنزُالايمان: ڀلائي کان گهڻو روڪڻ وارو

  الله! الله! معلوم ٿيو؛ نيڪي جي راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجڻ مسلمان جو نه


 

 



[1]...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220۔

[3]...جامع صغیر، صفحہ:522، حدیث:8603۔