Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

اي عاشقانِ رسول! چڱين چڱين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غير مسلم مسلمان ٿي ويو...!!

علامه اِبنِ حجر مڪي رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ڪربلا جي واقعي کان بعد جڏهن بدبخت يزيدي امامِ عالي مقام، حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو سَر مبارڪ نيزي تي بلند ڪري ملڪ شام ڏانهن کڻي پئي ويا، رستي ۾ هڪ نصراني راهب (يعني ڪرسچين عبادت گذار) جو گِرجا گھر آيو، ان راهب سَرِ انور کي ڏٺو ته هن بابت ماڻهن کان پڇا ڪيائين، ماڻهن ٻڌايو ته هي نواسهء رسول، حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو سَر مبارڪ آهي، هي ٻڌندي ئي راهب تڙپي پيو ۽ پليد يزيدين وٽ وڃي چيائين: توهان بُرا ماڻهو آهيو! ڇا 10 هزار اشرفيون وٺي هن ڳالھ تي راضي ٿيو ٿا ته هڪ رات هي سَر مبارڪ مون وٽ رهي؟ يزيدي ته اڳي ئي  مال جا بکيا هئا، هڪدم راضي ٿي ويا۔ راهب توڙي جو غير مسلم هو، پر اُن سَر مبارڪ جو خوب ادب ڪري ان کي غسل ڏئي، خوشبو لڳائي ۽ سڄي رات پنهنجي هنج ۾ رکي ان کي ڏسندو رهيو، ان سَر مبارڪ مان هڪ نُور آسمان ڏانهن طرف بلند ٿيندي ڏٺائين، سَر مبارڪ جي اها ڪرامت ڏسي راهب جي دِل نرم ٿي وئي، سَرِ اَنوَر مان نڪرندڙ نُور راهب جو سينو روشن ڪري ڇڏيو، ان اها رات روئيندي گذاري ۽ صبح جو ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو، هي خوش بخت راهب جيڪو هاڻي ڪلمو پڙھي ناناءِ حُسَين، رحمتِ ڪونين
صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو غُلام بڻجي چڪو هو، ان پنهنجو گرجو ۽ تمام سازو سامان