Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

يعني دنيا جي محبت هر بُرائيءَ جي پاڙ آهي۔([1]) يزيدِ پليد جي دل ڇوته فاني دنيا جي مَحَبَّت سان ڀريل هئي، ان ڪري هو شهرت ۽ اقتدار جي هَوَس ۾ گرفتار ٿي ويو۔ پنهنجي انجام کان غافل ٿي ان امامِ عالي مقام ۽ سندس ساٿين جي بي گناهه قتل سان پنهنجي هٿن کي رنڱيو، جنهن اقتدار جي خاطر ان ڪربلا ۾ ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرايا اها اقتدار ان جي لاءِ گهڻو عرصو باقي نه رهي سگهي۔ بدنصيب يزيد صرف ٽي سال ڇهه مهينا حڪومت جي تخت تي خباثت پکيڙي سن 64 ھ ۾ 39 سالن جي عمر ۾ عبرت جي موت مري ويو۔([2])

وہ تخت ہے کس قبر میں، وہ تاج کہاں ہے؟       اے خاک! بتا! زورِ یزید آج کہاں ہے؟

 بيان جو خُلاصو

اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! اسان حسيني آهيون، اسان امامِ عالي مقام امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان محبّت ڪندڙ آهيون، امامِ عالي مقام دُنيا جي لاءِ دِين کي نه ڇڏيو بلڪه دِينِ حق جي حفاظت جي خاطِر 72 ڄڻن جي قرباني پيش ڪئي، اسان کي به گھرجي ته اسان سچّي حسيني هئڻ جو ثبوت ڏيون، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي نقشِ سيرت تي هلون، عِلمِ دين سکون، ان تي عَمَل ڪريون، سنتون سکون، سُنتن تي پاڻ به عَمَل ڪريون، ٻين تائين به پهچايون، يزيد بدبخت فاسق هو، فاجر هو، سُنّت کي بدلڻ وارو هو، لعن طعن ڪرڻ وارو هو، ظالِم هو، شرابي هو، دُنيا جي محبّت ۾ گرفتار هو، ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان ان جھڙي بُري ڪردار کان بچون، اسان حسيني آهيون، گفتار جا به حسيني بڻجون ۽ اَخلاق  ۽ ڪردار جا به حسيني بڻجون۔

از پئے چار یار، اے شہِ ذی وقار                         اپنا شیدا بنا، یاشہِ کربلا!

چشمِ نَم دیجئے! اپنا غَم دیجئے!                                از طفیلِ رضا یاشہِ کربلا!


 

 



[1]... جامع الاصول فی احادیث الرسول ، الکتاب الثالث فی ذمّ الدنیا،جلد:4، صفحہ:457، حدیث:2603۔

[2]...کرامات امام حسین، صفحہ:31۔