Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

پياري آقا، مديني واري مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِنَّ اللّٰهَ فَرَضَ فَرَائِضَ فَلَا تُضَيِّعُوْهَا الله پاڪ ڪجھ فرض مقرر ڪيا آهن، انهن کي ضايع نه ڪريو، وَحَرَّمَ حُرُمَاتٍ فَلَا تَنْتَهِكُوْهَا ڪجھ شيون حرام ڪيون آهن، انهن کي هلڪو نه سمجھو، وَحَدَّ حُدُوْدًا فَلَا تَعْتَدُوْهَا ۽ ڪجھ حدون قائم ڪيون آهن انهن  کان اڳتي نه وڌو، وَسَكَتَ عَنْ أَشْيَآءَ مِنۡ غَيْرِ نِسْيَانٍ فَلَا تَبْحَثُوْا عَنْهَا ۽ ان (توهان تي رحمت فرمائيندي) ڄاڻيندي ڪجھ شين کان خاموشي اختيار ڪئي آهي، انهن جي جستجو نه ڪريو۔([1])

شراب بُرائين جي جڙ آهي

  امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: يزيد شرابي آهي۔ افسوس! افسوس...!! اسان جي معاشري ۾ به شراب عام پيتو پيو وڃي، توڙي جو شراب تي قانوناً پابندي آهي پر لکين ماڻهو شراب پيئن ٿا، جڏهن ته شراب حرام آهي، هن کي اُمُّ الخبائِث (يعني بُرائين جي جڙ) چيو ويو، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

يٰاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّمَا الۡخَمۡرُ وَ الۡمَیۡسِرُ وَ الۡاَنۡصَابُ وَ الۡاَزۡلَامُ رِجۡسٌ مِّنۡ
 عَمَلِ الشَّیۡطٰنِ فَاجۡتَنِبُوۡہُ  لَعَلَّکُمۡ  تُفۡلِحُوۡنَ (۹۰(پاره:7،سورۂ مائده:90)

ترجَموڪنزُالعرفان: اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا  بت ۽ قسمت معلوم ڪرڻ جا تير ناپاڪ شيطاني ڪم ئي آهن سو انهن کان بچندا رهو ته توهان ڪامياب ٿيو.


 

 



[1]...سنن دار قطنی، کتاب الرضاع، جلد:4، صفحہ:217، حدیث:4350۔