Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

* آن لائن مريد * آن لائن روحاني علاج * آن لائن ڪاٽ ۽ مختلف وظيفا يعني * بيماري کان شفا * غُربت کان نجات * غم کان ڇوٽڪارو  * بلائن کان حفاظت * ۽ دُعا جي قبوليت وغيره جا وظيفا شامل آهن۔ اوهان به پنهنجي موبائل ۾ هي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

عيادت سُنَّتِ مُصطفيٰ آهي

2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ :(1): جيڪو مريض جي عيادت ڪري ٿو اهو جَنَّت جي باغات ۾ ويهي ٿو، جڏهن اهو بيهي ٿو ته 70 هزار ملائڪ رات تائين ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن۔([2]) (2): جيڪو ثواب جي اُمِّيد تي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عيادت ڪري، ان کي جهنم کان 70 سال جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو۔([3])

اي عاشقانِ رسول! مريض جي عيادت ڪرڻ سُنّتِ مُصطفيٰ بلڪه سُنتِ انبياء


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...شعب الايمان، مریض کی عیادت کا باب،جلد:6، صفحہ:531،حديث:9171۔

[3]...ابو داؤد ،کتاب:جنائز ، باب :وضو میں عیادت کی فضیلت، صفحہ: 500، حدیث:3097۔