Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

اَصل ۾ هڪ خط جو جواب آهي، ڪنهن اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي بارگاھ ۾ خط لکيو، جنهن ۾ ٻڌايو هو ته نيڪي جي دعوت جي راھ ۾ کيس رُڪاوٽون ۽ مشڪلاتون تنگ ڪن پيون، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ان جي جواب ۾ ڪربلا جو خوني منظر بيان فرمايو ۽ ٻڌايو ته ڪربلا جي شهيدن ميدانِ ڪربلا ۾ جيڪي ظُلم برداشت ڪيا، جيڪي تڪيلفون سَٺيون، اهي سڀئي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي ڪري ئي هيون، لهٰذا جڏهن به نيڪي جي دعوت دوران  رُڪاوٽ اچي ته امام حُسَين ۽ سندن ساٿين رَضِىَ اللهُ عَنۡهم تي ٿيندڙ يزيدي ظُلم ۽ سِتَم کي تَصَوُّر ۾ آڻيو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! همّت ۽ حوصلو نصيب ٿيندو ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو پڻ ملندو۔

  سُبحٰنَ الله! نيڪي جي دَعوَت عام ڪرڻ هڪ مسلمان جي زِندگي جو هڪ اَهم حِصو آهي، ڪربلا جي واقعي مان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو جذبو به ملي ٿو ۽ هن راھ ۾ ايندڙ رُڪاوٽن اڳيان استقامت جو پهاڙ بڻجڻ، ظُلم ۽ سِتَم جا جبل ڪِرن يا طنز جا زهريلا تِير هلن، انهن جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو حوصلو به ملي ٿو۔ اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي شعرن ۾ ڪيتري پياري نصيحت فرمائن ٿا:

رونا مصیبت کا مت رو تُو پیارے نبی کے دیوانے  کرب و بلا والے شہزادوں پر بھی تُو نے دھیان کیا

پیارے مبلغ! معمولی سی مشکل پر گھبراتا ہے  دیکھ حسین نے دین کی خاطر سارا  گھر قربان کیا([1])

غَير مسلمن جا تَصَوُّر

هڪ غير مُسلِم هو، ان تي گھڻو ظُلم ۽ ستم ٿيو، هو چئي ٿو: مون 20 سال تائين جيل ڪاٽي، ناحق ظُلم برداشت ڪيا، هڪ رات مون فيصلو ڪيو ته مان ظالِم اڳيان جھڪي وڃان ٿو، پوءِ اوچتو مون کي حضرت امام حُسَين (رَضِىَ اللهُ عَنۡه) ۽ ڪربلا جو واقعو ياد آيو، بَس! هن سان مون کي حوصلو مليو ۽ مان ظالِم جي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:197۔