Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

ايمان جي دولت نصيب ٿي وئي ۽ ٻي پاسي يزيدي بدبختن تي ڦٽڪار ٿي، انهن جي بُرن ڪرتُوتن جي نتيجن جي هڪ ادنيٰ جھلڪ انهن کي ڏيکاري وئي، انهن جي سون چاندي جا سِڪا ٺڪريون بڻجي ويا، هي قُدرَت جي طرفان هڪ درسِ عبرت هو ته اي بدبختؤ! توهان هن فاني دُنيا جي خاطِر دين کان مُنهن موڙيو، آلِ رسول تي بي انتها ظُلم و سِتَم ڪيو...!! ياد رکو! دِين کان توهان سخت بي پرواهي ڏيکاري ۽ جنهن فاني ۽ بيوفا دُنيا کي حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو اها به توهان کي نه ملي، توهان دُنيا ۽ آخرت ۾ نقصان کڻڻ وارا ٿي ويا۔

تم نے اُجاڑا حضرتِ زہرا کا بوستاں                     تم خود اُجڑ گئے، تمہیں یہ بددُعا مِلی

رسوائے خلق ہو گئے، برباد ہو گئے                      مردُودو! تم کو ذِلّتِ ہر دوسَرا مِلی

دُنیا پرستو دِین سے منہ موڑ کر تمہیں                      دُنیا مِلی نہ عیش و طَرَب کی ہوا مِلی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                               صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تَعارُف ۽ فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام، امامِ تشنه ڪام، نواسهءِ رسول حضرت امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام وڏي رتبي وارا آهن، سندن مبارڪ نالو: حُسَين، ڪنيت: ابوعبد الله ۽ لقب: سِبْطِ رَسُوْلُ الله (يعني رسول الله جا ڏوهٽا) ۽ رَيحَانَۃُ الرَّسُوْل (يعني رسول جا گل) آهن۔([1])

کیا بات رضا، اُس چَمَنِستانِ کرم کی                       زَہرا ہے کَلی جس میں، حُسین اور حسَن پھول([2])

 وضاحت: اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن ڪرَم ۽ رحمت ڀري گلشن جي ڳالھ ۽ مثال بابت ڇا چئجي جنهن جي پنکڙي حضرتِ فاطِمة الزَّهراء رَضِىَ اللهُ عَنۡها ۽ جنهن  جا گل جنتي جوانن جا سردار حضرت امام حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا آهن۔


 

 



[1]...کراماتِ امام حسین، صفحہ:3۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:79۔