Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha

اڳيان ڄمي بيهي رهيس۔ هڪ ٻيو غيرِ مسلم چئي ٿو: ڪربلا اها واحِد جنگ آهي جنهن شهادت سان گڏوگڏ انسانن کي اَخلاقي سبق به عطا ڪيو آهي۔

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! هي غير مسلم آهن، جيڪي ڪربلا مان سبق پرائي رهيا آهن، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي بي مثال استقامت کي ياد ڪري حوصلا بلند ڪري رهيا آهن۔ هن مان خبر پئي ته ڪربلا صِرف هڪ سانحو نه هو، هڪ دَرس به آهي، هڪ سبق به آهي، ڪربلا جو واقعو اسان کي زِندگي جا اُصُول به ٻڌائي ٿو ۽ شان سان جيئڻ به سيکاري ٿو۔

انسان کو بیدار تو ہو لینے دو                                   ہر قوم پُکارے گی ہمارے ہیں حُسَین

 سَر! هي سڀ ته اسان کي ڪربلا به سيکاري ٿي...!!

هڪ اسلامي ڀاءُ ٻڌائن ٿا: مان B.A ۾ پڙھندو هئس، B.A جي انگلش ۾ هڪ ناوِل پڙھايو ويندو آهي، هڪ ڏينهن ٽيچر ان ناوِل بابت ليڪچر(Lecture) ڏنو، چوڻ لڳو: هن ناوِل جو مصنف هڪ يورپي مُفَڪر آهي، ٻئي عالمي جنگ ۾ هي هڪ فوجي طور شريڪ ٿيو هو، ٻي مهاڀاري جنگ کان بعد يورپ ۾ جيڪو انقلاب آيو، يورپ جيڪا ترقي ڪئي، ان انقلاب ۽ ترقي جو بنياد جن نظرين تي هو، اهي نظريا پيش ڪرڻ وارن مفڪرن ۾ هڪ مُفَڪر هن ناوِل جو مصنف به آهي، مصنف هن ناوِل ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪاميابي جا اُصُول ۽ ناڪامي جا سبب بيان ڪيا آهن۔ پوءِ ٽيچر ان ناوِل بابت ليڪچر شروع ڪيو؛ مصنف چئي ٿو: جيڪڏهن اسان زِندگي جي سَفَر ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيون ٿا ته ان جي لاءِ صبر ۽ برداشت جي سخت ضرورت آهي، اسان کي ڪاميابي جي لاءِ تحمل مزاج يعني قوتِ برداشت وارو ٿيڻ گھرجي، ڪاميابي جي لاءِ اسان ٻين تي ڀروسو نٿا ڪري سگھون، اسان کي پاڻ تي اعتماد ڪرڻو پوندو، پر هن سان گڏوگڏ اجائي خود اِعتمادي(Over confidence) کان به بچڻو پوندو وغيره۔

اسلامي ڀاءُ ٻڌائي ٿو: ٽيچر ناوِل جي سٽوري مان ملندڙ سبق ٻڌائي رهيو هو ۽ منهنجي ذِهن ۾ ڪربلا وارو واقعو هلي رهيو هو، جيئن ئي ٽيچر پنهنجو