Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha
يلغار انهن کي حق جي راھ کان هٽائي نه سگھي، آلِ رسول جا شير صِفَّت جوان سخت اُڃ جي باوُجُود يزيدين جا حواس خطا ڪري ڇڏين ٿا، هي انهن جي بي مثال استقامت ۽ باڪمال قُوّتِ برداشت آهي جو هي اڃايل رِهي بهادري جا جوهر ڏيکاريندي شهادت کي ته سيني سان لڳائن ٿا پر حق ڳالھ کان ذَرو برابر به پوئتي نٿا هٽن۔
یوں تو شہید لاکھوں ہوئے ہیں یہاں مگر رُتبہ کسی کو آپ کے جیسا مِلا نہیں
لرزہ نہ بھوکا پیاسا بھی باطِل کے سامنے میرے حُسَین جیسا کوئی دِل مِلا نہیں
(2): غير مسلم مُفَڪر ٻي ڳالھ ڪئي ته ڪاميابي جي لاءِ انتظار ضروري آهي، يعني جيڪو شخص ڪاميابي جو طلبگار آهي، اهو صبر سان ڪم وٺي، اطمينان سان دُرُست وقت جو انتظار ڪري، هڪ لمحو به بي صبري نه ڏيکاري۔ هي ڳالھ به امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پاڪيزه سيرت ۾ ڏسو! انسان تي زِندگي ۾ ڏُک اچن ٿا، غَم اچن ٿا پر جيڪڏهن ڏُک ۽ غم جي خبر پهريان کان ملي وڃي ته اهي غم صِرف غَم نٿا رهن، جان جي لاءِ وبال بڻجي وڃن ٿا، مثال طور تي اسان مان هر هڪ کي موت اچڻو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي اڳ ۾ ٻڌايو وڃي ته توهان وٽ صِرف هڪ ڏينهن باقي آهي، اڳئين ڏينهن توهان کي موت ايندو ته شايد هو هڪ ڏينهن به اسان جي لاءِ وبالِ جان بڻجي وڃي، چهري تي مايوسي پکڙجي ويندي، دِل غَم ۾ ٻڏي ويندي، ڪجھ کائڻ پيئڻ لاءِ دِل نه چاهيندي پر قربان وڃون! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صَبر ۽ استقامت تي...!! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي وِلادت ٿئي ٿي، گڏوگڏ جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام شهادت جي کڻي حاضِر ٿين ٿا، اڃا امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ننڍپڻو آهي، سندن شهادت جون خبرون مشهور ٿي ويون آهن، پاڻ 55 ساله زِندگي ڪربلا جي هوش خطا ڪندڙ تڪليفن کي سامهون رکندي گذاري، پاڻ کي خبر هئي ته ڪربلا جي ميدان ۾ بدبخت ماڻهو انتهائي ظالماڻي انداز ۾ مون کي شهيد ڪندا پر مجال آهي جو امام حُسَين
رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي استقامت ۾ ڪو فرق اچي، 55 سالن جي مبارڪ زِندگي ۾ ڪا هڪ