Book Name:Hum Nay Karbala Say Kia Seekha
گھڙي به اهڙي نه آهي جو جڏهن امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه بي صَبري جو مظاهرو ڪيو هجي، پاڻ ڪڏهن به هي دُعا نه گُھريائون ته ياالله پاڪ ! مون کي هن آزمائش مان نجات عطا فرماءِ، پاڻ صبر ۽ استقامت سان 55 سالن جي زِندگي ڪربلا جي انتظار ۾ گذاري ڇڏي ۽ آخرڪار ميدانِ ڪربلا ۾ پنهنجي نانا سائين، رحمتِ رحمٰن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دِين تي پهرو ڏيندي نهايت عزّت ۽ شان و شوڪت سان شهادت جي رُتبي کي سيني سان لڳايائين۔
گھر لُٹانا جان دینا، کوئی تم سے سیکھ جائے جانِ عالَم ہو فِدا اے خاندانِ اَہْلِ بیت([1])
(3): غير مسلم مُفَڪر ٽئين ڳالھ چئي ته جيڪو ڪاميابي جو طلب گار آهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته هو سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت رکندو هجي، يعني اُن تي ڪيترو ئي ڏکيو وقت ڇو نه اچي، هو پنهنجي سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت کي گھٽ نه ٿيڻ ڏي، هر وقت، هر حال ۾ سوچي سمجھي بهتر کان بهترين فيصلو ڪري۔ هي هڪ تمام مشڪل ڪم آهي، اسان وٽ ڪنهن شخص جو انتقال ٿي وڃي ته ان جي گھروارن کي، والدين کي گھڻو سنڀلجي وڏي طريقي سان خبر ڏيڻي پوندي آهي ته ڪٿي اوچتو غم جي خبر ٻُڌي هوش ئي نه وڃائي ويهن پر قربان وڃون! امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي همّت ۽ حوصلي جو ڇا شان آهي...!! پاڻ حضرت علي اَصغَر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو لاش مبارڪ پنهنجي هٿن تي کڻن ٿا، حضرت علي اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو لاش مبارڪ کڻن ٿا، ڀاءُ، ڀائٽي، ڀاڻيجي، 72 ڄڻا ميدانِ ڪربلا ۾ امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اکين جي سامهون شهيد ٿين ٿا، پاڻ خود اُنهن جي مبارڪ لاش کڻي خيمن وٽ رکن ٿا، اهڙي غم ۽ پريشاني جي باوُجُود هوش ۽ حَواس سلامت آهن، فيصلو ڪرڻ جي طاقت بحال آهي، تاريخ جي ڪنهن ڪتاب مان دُنيا جو ڪو شخص هي ثابت نٿو ڪري سگھي ته امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه ميدانِ ڪربلا ۾ غم جي شِدَّت سبب ڪو هڪ فيصلو به شريعت جي خِلاف ڪيو هجي، نه! نه...!! غَم جون آندهيون هلي