Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

ارشاد آهي: صُوْمُوْا تَصِحُّوْا  يعني روزو رکو تندرُست ٿي ويندؤ ([1])

 اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان روزي جون ڪهڙيون برڪتون آهن، هي سڀ يقين جي ڳالھ آهي، سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پنهنجي آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ فرمانن تي پُورو پُورو يقين هو، ڪامِل اعتماد هو، لهٰذا پاڻ ڊاڪٽرن جي ڳالھ تي ڪن نه ڏنائون، بلڪه پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمان مبارڪ کي سامهون رکيائون، رمضان المبارڪ جو روزو قضا نه ڪيو، لهٰذا ان جون برڪتون به مليون، روزي جو ثواب به نصيب ٿيو ۽ صحت جي نعمت به حاصِل ٿي.

حڪيم جالينوس جي طِب جو خُلاصو

 تفسير قرطبي ۾ آهي: هڪ ڀيري هڪ غير مسلم ڊاڪٽر حضرت امام زَينُ العَابِدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي چوڻ لڳو: عِلم جون ٻه قسمون آهن:

(1):عِلمُ الاَديان (يعني ديني عِلم) ۽ (2):عِلمُ الاَبدَان (يعني ڊاڪٽري وارو عِلم)۔

اوهان جي مَذهبي ڪتَاب قرآنِ ڪريم ۾ عِلمِ دين ته آهي پر طِب (يعني ڊاڪٽري جو عِلم) نه آهي۔ امام زَينُ العَابِدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايائون: تون سڄي قرآن جي ڳالھ ڪرين ٿو، قرآن جي صِرف هڪ آيت جي هڪ جُز ۾ ئي پوري طِب جو خُلاصو بيان ڪيو ويو آهي، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه سيپاري 8، سُورت اَعرَاف جي آيت:31  جو هيءُ حصو تلاوت ڪيائون:

كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا وَ لَا تُسْرِفُوْا ۚ-  (پارہ:8، سورۂ اعراف:31)      

ترجمو ڪنز الايمان: کائو ۽ پيئو ۽ حد کان نه وڌو.

 (هن آيت ۾ ٻڌايو ويو ته کائڻ پيئڻ ۾ اِسراف نه ڪيو! کائڻ پيئڻ ۾ اسراف جون 2 صُورتون آهن: (1): بک نه هئڻ مهل کائڻ (2): خوب پيٽ ڀري کائڻ۔ پوءِ جيڪو شخص انهن ٻنهي ڳالهين کان بچي، چڱي طرح بکارو هجي تڏهن ئي کائي ۽ اڃا بک باقي


 

 



[1]...ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:206۔