Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

اِنَّ عِدَّةَ الشُّهُوْرِ عِنْدَ اللّٰهِ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِیْ كِتٰبِ اللّٰهِ یَوْمَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ مِنْهَاۤ اَرْبَعَةٌ حُرُمٌؕ-ذٰلِكَ الدِّیْنُ الْقَیِّمُ ﳔ فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْهِنَّ اَنْفُسَكُمْ   (پاره:10،سورۃالتوبۃ:36)

ترجموڪنزُالعِرفان:بيشڪ مهينن جي ڳڻپ الله وٽ الله جي ڪتاب ۾ ٻارنهن مهينا آهن جڏهن کان ان آسمان ۽ زمين بڻايا، انهن مان چار حرم وارا مهينا آهن، هي سڌو دين آهي پوءِ هنن مهينن  ۾ پنهنجي جان تي ظلم نه ڪيو.

هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته الله پاڪ وٽ قمري سال (Lunar Year) جا مهينا 12 آهن، انهن 12 مهينن مان 4 مهينا رجب، ذيقعده، ذي الحج ۽ محرم وڏي ئي عِزّت وارا آهن، انهن ۾ گُنَاھ ڪرڻ سخت جُرم آهي ۽ انهن ۾ نيڪي جو ثواب تمام گھڻو آهي، لهٰذا اي مسلمانو! هونئن ته گُنَاھ ڪڏهن به نه ڪرڻ کپن، البت انهن 4 حُرمت وارن مهينن ۾ خُصُوصِيت سان گُنَاهن کان بچندا رهو۔([1])

گناہوں کے امراض سے نیم جاں ہوں     پئے مُرشِدی دے شِفا یاالٰہی!

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ             گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی            کرم   ہو   کرم   یاخدا!   یاالٰہی!([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

رجب مهيني جون ڪجھ عبادتون

اي عاشقانِ رسول! رَجب حُرمت وارو مهينو آهي، هن ۾ خوب عبادت ڪريو! * رَجب ۾ اِستِغفَار جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي، سرڪارِ مدينهءِ منوره، سردارِ مڪه مڪرمه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رجب ۾ اِستِغفار جي ڪثرت ڪيو! بيشڪ


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:10، سورۂ توبہ، زیرِآیت:36، جلد:10، صفحہ:291-292ماخوذاً۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:105۔