Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
جي توفيق عطا فرماءِ۔
سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ٻانهو پنهنجي کائڻ ۾ ڪمي ڪري ٿو ته ان جو جَوف (يعني سينو) نُور سان ڀريو ويندو آهي۔([1])
مِنهاجُ العَابِدِين ۾ آهي: پيٽ ڀري کائڻ سان عِبَادت جي مٺاڻ غائِب ٿي ويندي آهي۔ مسلمانن جو پهريون خليفو اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت ابو بڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائي ٿو: مان جڏهن کان مسلمان ٿيو آهيان، ڪڏهن پيٽ ڀري ناهي کاڌو ته جيئن مون کي عِبَادت جي مٺاڻ نصيب ٿئي۔([2])
بھوک کی اور پیاس کی مولیٰ مجھے سوغات دے یااِلٰہی! حشر میں دیدار کی خیرات دے
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! روزو جسماني صِحّت جو به ضامن آهي ۽ روحاني صِحّت جو به ضامِن آهي۔ الحمد لله! رجبُ المُرَجَّب جو مبارڪ مهينو آهي، نفل روزن جو ڄڻ ته موسمِ بهار آهي، اسان کي گھرجي ته هنن بابرڪت ڏينهن مان فائدو کڻندي گھڻا روزا رکون، نيڪيون به ڪيون ۽ گڏوگڏ ان جا دُنياوي فائدا پڻ حاصِل ڪيون۔ اچو! ترغيب جي لاءِ روزيدارن جا ٻه واقعا ٻڌون ٿا:
حجّاج بن يوسُف هڪ ڀيري سَفر جي دوران مڪه شريف ۽ مدينه منوره جي وچ واري هڪ منزل ۾ پڙاءُ ڪيو، منجھند جي ماني تيار ڪرايائين ۽ وزيرِ مملڪت کي چيائين ته ڪنهن مهمان کي سڏي اچو۔ وزيرِ مملڪت خيمي کان ٻاهر نڪتو ته ان کي هڪ اَعرابي (عرب جو ڳوٺاڻو) ليٽيل نظر آيو، وزير ان ڳوٺاڻي کي جاڳائي چيو: هَلو توهان کي امير حجاج سڏي رهيو آهي۔ ڳوٺاڻو