Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

الله پاڪ اسان کي به گھڻا روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.  آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ رَجَب ۽ شعبان جي روزن جي بهار هوندي آهي، مختلف هنڌن تي سحري اجتماعات جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي، مَاشَآءَالله! ڪيئي عاشقانِ رسول هنن ٻنهي مهينن ۾ ڪثرت سان روزا رکندا آهن ۽ مسلسل روزا رکندي اهي حضرات رمضان المبارڪ سان مِلي ويندا آهن۔ اوهان به دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گُنَاھ ڇڏڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ جو ذِهن بڻجندو۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم نيڪ اَعمَال به آهي۔

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شيخِ طريقت، امير اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ العَالِيه پنهنجي مُريدن، طالِبن ۽ مُحِبَّن بلڪ سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي پنهنجي اِصلاح جو بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: رسالو نيڪ اَعمَال۔ هي مختصر رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو، چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان ڊاؤنلوڊ ڪري وٺو، بلڪ وڌيڪ  آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amaal ايپلي ڪيشن ڊاؤنلوڊ ڪريو، ان کي پڙھو، ان جي مُطَابق زِندگي گذاريو ۽ روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺو۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دِل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اُجرو، صاف و شفاف ۽ خوب صُورت ٿي ويندو۔