Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
جو مطلب هي آهي ته اي الله پاڪ! رجب ۾ اسان جي عبادتن ۾ برڪت ڏي ۽ شعبان ۾ خشوع ۽ خضوع عطا ڪر ۽ رمضان کي حاصل ڪرڻ، ان ۾ روزا رکڻ، راتين ۾ عبادت ڪرڻ نصيب فرماءِ.
صوفي سڳورا فرمائن ٿا؛ رجب ٻج پوکڻ جو مهينو آهي، شعبان پاڻي ڏيڻ ۽ رمضان المبارڪ فصل لُڻڻ جو، رجب ۾ نفلَ (پڙهڻ) جي خوب ڪوشش ڪريو! شعبان ۾ پنهنجي گناهن تي ڳوڙها ڳاڙيو ۽ رمضان ۾ رَبّ پاڪ کي راضي ڪري هن فصل کي خيريت سان لُڻو!([1])
میں رحمت، مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں مہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولا
بَراءَت دے عذابِ قبر سے، نارِ جہنّم سے مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولا
عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل رجب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولا([2])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
اسان جي پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رَجَبٌ شَہْرُ اللہِ وَ شَعْبَانُ شَہْرِیْ وَ رَمَضَانُ شَہْرُ اُمَّتِی يعني رجب الله پاڪ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي اُمَّت جو مهينو آهي۔([3])
الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي دور مبارڪ جو