Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

انسان بُرن خيالن کان بچي ٿو ايئن ذهن صاف رهي ٿو (8): روزي جي برڪت سان اِنسَولِين استعمال ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ٿي (9): روزي جي برڪت سان جگر جي ارد گرد جمع ٿيڻ واري چرٻي گھٽجي ويندي آهي (10): روزي جي برڪت سان جلد ۽ ڇاتي جي ڪينسر جو خطرو گھٽ ٿي ويندو آهي (11): روزي جي برڪت سان اعصابي مرضن ۾ بهتري اچي ويندي آهي۔([1])

روزو رکڻ بابت هڪ حيرت انگيز تحقيق

پيارا اسلامي ڀائرو! روزو صِحّت مند زندگي جو راز آهي، هن حوالي سان هڪ ڊاڪٽر وڏي دلچسپ تحقيق ڪئي آهي، هو چئي ٿو: * روزي وارو عَمَل جيڪي انسان ڪن ٿا، يعني ڪجھ وقت جي لاءِ کائڻ پيئڻ وغيره کان رُڪجي وڃن ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ئي عَمَل دُنيا جا ٻيا جاندار پڻ ڪن ٿا ۽ هن عَمَل سان انهن کي به صحت ۽ تندرستي ملندي آهي، انهن جي زندگي ۾ نِکار اچي ويندو آهي، برفاني علائقن جو جيڪڏهن سروي ڪيون ته اتي رهندڙ جانور ڪيئي ڪيئي مهينن جي لاءِ غارن ۾ هليا ويندا آهن، ٻاهر ناهن نڪرندا، ان دوران هو پنهنجو هڪ ڪورس مڪمل ڪري رهيا هوندا آهن، جنهن کي انگريزي ۾ Hibernation (هائي بَر نِيشَن يعني سردي جي ڊگھي ننڊ) چيو ويندو آهي۔ ان دوران اهي کائڻ پيئڻ کان رُڪيل رهندا آهن، جڏهن انهن جو هي ڪورس مڪمل ٿي ويندو آهي، پوءِ اهي آکيرن ۽ غارن وغيره مان ٻاهر نڪري ايندا آهن، ان وقت انهن جي کل چمڪي رهي هوندي آهي، پکين جا نوان پر نڪري   ايندا آهن، انهن کي نئين تازگي ملندي آهي * اهڙي طرح نانگ به پنهنجو روزي جهڙو هڪ ڪورس مڪمل ڪندو آهي، پوءِ جڏهن اهو پنهنجو ڪورس مڪمل ڪري وٺندو آهي ته ان جي کَل بدلجي ويندي آهي يعني ان جي پهرين واري کَل جسم تان لهي ويندي آهي ۽ ان جي جڳھ نئين چمڪدار کَل اچي ويندي آهي * وڻن ۾ به واڌ ويجھ ٿيندي آهي ۽ اهي پَنن جي ذريعي سج مان


 

 



[1]...ماہنامہ فیضانِ مدینہ مئی 2020، صفحہ:82-83۔