Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
مون الله پاڪ کان دُعا گھري آهي ته هو مون کي پنهنجي پياري ۽ آخري نبي، مُحَمَّدعربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بعثت مبارڪ تائين زندھ رکي ته جيئن مان اُن جي زيارت به ڪيان ۽ ان جو اُمَّتي بڻجڻ جو شرف به حاصِل ڪيان۔ الحمد لله! مان تڏهن کان هن جبل ۾ رهي الله پاڪ جي عبادت ڪري رهيو آهيان. حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان نيڪ شخص جي گفتگو ٻُڌي بارگاھِ اِلٰهي ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! ڇا رُوءِ زمين تي ان شخص کان وڌيڪ ڪو تو وٽ عزّت وارو آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اي عيسيٰ (عَلَيۡهِ السَّلَام)! اُمَّتِ محمدي مان جيڪو رجب جو هڪ روزو رکي، هو منهنجي ويجھو ان کان وڌيڪ مُڪرَّم (يعني عزّت وارو) آهي.([1])
رَجَبُ المُرَجَّب ۾ پڙھڻ جي دُعا
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! رَجَبُ المُرَجَّب جي آمد ٿي چڪي آهي، رَجَب تمام بابرڪت ۽ عِزّت ۽ حُرمت وارو مهينو آهي، جنّتي صحابي حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: رجب شريف جو مهينو ايندو هو ته الله پاڪ جا محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دُعا گُھرندا ها: اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَارَمَضَان اي الله پاڪ! تون اسان جي لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاء۔([2])
اچو! اسان به هي دُعا پڙھون ٿا:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
مرآة المناجيح، جلد:2، صفحه: 330 تي آهي: هن دُعاءِ مصطفيٰ (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)