Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
جڏهن حجاج وٽ پهتو ته حجاج چيو منهنجي دعوت قبول ڪر ۽ هٿ ڌوئي مون سان گڏ ماني کائو۔ ڳوٺاڻي چيو: معاف ڪجو! اوهان جي دعوت کان پهريان مان هڪ ڪريم جي دعوت قبول ڪري چڪو آهيان۔ حجاج چيو ته ڪنهن جي دعوت قبول ڪئي آهي؟ ڳوٺاڻي چيو ته الله پاڪ جي، جو ان مون کي روزي رکڻ جي دعوت ڏني ته مان روزو رکي چڪو آهيان، حجاج چيو: ايتري سخت گرمي ۾ روزو؟ ڳوٺاڻي چيو: ها! قيامت جي سخت گرمي کان بچڻ جي لاءِ۔ حجاج چيو اڄ کائي وٺو ۽ هي روزو سڀاڻي رکي ڇڏجان۔ ڳوٺاڻي چيو: ڇا اوهان مون کي هن ڳالھ جي ضمانت ڏيو ٿا ته مان سڀاڻي تائين زندھ رهندس؟ حجاج چيو: ايئن ته ٿئي نٿو سگهي۔ ڳوٺاڻي چيو: پوءِ هيءَ ڳالھ به نه آهي (يعني جڏهن اوهان مون کي سڀاڻي تائين منهنجي زندگي جي ضمانت نٿا ڏئي سگھو ته مان به توهان جي ڪري پنهنجو اڄ جو عمل نٿو ڇڏي سگھان) هي چوندي هو موٽي ويو۔([1])
روزہ داروں کے واسطے وَ اللہ مغفرت کی نَوِیْد ہوتی ہے
حضرتِ قتاده رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي حديث جو استاد حضرت عبدالله بن غالب حدّاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شهيد ڪيا ويا. تدفين کان بعد سندن قبر شريف جي مٽي مان مشڪ جي خوشبو ايندي هئي. ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: مَاصُنِعْتَ يعني اوهان سان ڪهڙو معاملو ڪيو ويو؟ فرمايائون: سٺو معاملو ڪيو ويو۔ خواب ڏسڻ واري پڇا ڪئي: اوهان کي ڪٿي وٺي ويا؟ فرمايائون: جنت ۾ پڇيائين: ڪهڙي عمل سبب؟ فرمايائون: ڪامل ايمان، تهجد ۽ گرمين جي روزن سبب، خواب ڏسڻ واري وري پڇيو: اوهان جي قبر مان مشڪ جي خوشبو ڇو پئي اچي؟ فرمايائون: هي منهنجي تلاوت ۽ روزن ۾ اُڃ جي خوشبو آهي۔([2])
روزہ دارو! جھوم جاؤ کیونکہ دیدارِ خُدا خُلْد میں ہو گا تمہیں یہ وعدۂ رحمٰن ہے