Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت شهنشاههِ نُبُوَّت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائب تي الله پاڪ جي رحمت هجي. عرض ڪيو ويو: حضُور! اوهان جا نائب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنت سان محبت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا.
(جامع بیانِ عِلْم، بَاب:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220۔ )
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي تيز ڪندو ۽ پلڪون وڌائيندو آهي ۔([1])
اي عاشقانِ رسول! پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي * سرمو رات جو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ * سرمو استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔ هن طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔ اي عاشقانِ رسول! تڪريم جا جيترا به ڪم آهن سڀئي اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ساڄي