Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

خُوب روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگادے دِل      رجب کا واسطہ دیتا ہوں، فرما دے کرم مولیٰ

نہیں درکار وہ خوشیاں، جو غفلت کا بنیں ساماں   عطا کر اپنی الفت، اپنے پیارے کا تُو غم مولیٰ([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ  عَلٰي مُحَمَّد

صحت به ملي، اَجر به

اي عاشقانِ رسول! روزو نهايت نفع بخش نيڪي آهي، روزو رکڻ سان آخرت جو ثواب به ملي ٿو، ان سان گڏوگڏ دُنياوي فائدا به حاصِل ٿين ٿا۔ مسلمانن جي چوٿيان خليفا شيرِ خدا حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون الله پاڪ جي نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو ته بيشڪ الله پاڪ بني اسرائيل جي نبين مان هڪ نبي عَلَيۡهِ السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي: اي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! پنهنجي قوم کي ٻڌايو ته بيشڪ جيڪو ٻانهو منهنجي رضا جي لاءِ هڪ ڏينهن جو روزو رکي ٿو، مان ان جي جسم کي صِحت ڏيان ٿو ۽ ان جو اَجر وڌائي ڇڏيان ٿو۔([2])

کیا ہماری نماز! کیا روزہ!         بخش دینے کے سو بہانے ہیں

روزو  رکو! صحت ماڻيندؤ...!

مُعجَمِ اَوسط ۾ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: صُوْمُوْا تَصِحُّوْا روزو رکو! صحت مند ٿي ويندؤ، وَ سَافِرُوْا تَسْتَغْنُوْا ۽ سَفر ڪيو مالدار ٿي ويندؤ۔([3])


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:98 و 99۔

[2]...شُعَبُ الایمان، باب فِی الصِّیام، جلد:3، صفحہ:412، حدیث:3923۔

[3]...معجم اوسط، جلد:6، صفحہ:147، حدیث:8312۔