Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

سارين بيمارين کان پڻ نجات ملندي آهي، ايستائين جو اهڙا مريض جيڪي گھڻي عرصي کان بيمار هجن، بيماري اُن جي اندر جڙ پڪڙي چڪي هجي، اهڙن مريضن کي به جيڪڏهن روزو رکرائجي ته انهن جي مرض ۾ ڪافِي حد تائين ڪمي اچي سگھي ٿي۔

تحقيقات جي مطابق * روزي جي حالت ۾ سحري کان افطار تائين ڪجھ کائڻ پيئڻ نه ٿيندو آهي، هي عَمَل دِل جي لاءِ گھڻو مفيد آهي، هن سان دِل کي آرام ملي ٿو، دِل جي ٽشوز (Tissues) تي دٻاؤ گھٽ ٿئي ٿو، ايئن دِل جي لاءِ رت کي تمام جسم ۾ پهچائڻ ۽ رت کي صاف ڪرڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ طاقت لڳائڻي پوندي آهي، هن طرح دِل جي قُوَّت ۾ اِضافو ٿئي ٿو. * روزي جو سڀ کان اهم اثر سڄي جسم ۾ خون جي نالين تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن رت جون ناليون سُسِي وينديون آهن يا ڪمزور ٿي وينديون آهن، جنهن جي ڪري رت نالين ۾ آساني سان گردش ناهي ڪري سگھندي، جڏهن اسان روزو رکندا آهيون، سحري کان وٺي افطار تائين ڪجھ کائيندا پيئندا ناهيون ته رت ۾ موجود غذائي اجزا پُوري طرح حَل ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح رت جي نالين جي سائيڊ تي چرٻي ۽ ڪوليسٽرول (Colesterol) وغيره ڄمي ناهي سگهندو ۽ رت جون ناليون سُوڙهيون ۽ ڪمزور ٿيڻ کان محفوظ رهنديون آهن * روزي جي حالت ۾ اسان جي گُڙدن (Kidneys) کي به آرام جو ڪافِي موقعو ملي ويندو آهي، ايئن گُڙدن جي قُوَّت بحال رهندي آهي * روزي جي حالت ۾ آنڊن کي به آرام ۽ توانائي ملندي آهي، اسان جي آنڊن جي هيٺان مدافعتي نظام (Immune System) جو بنيادي عنصر هوندو آهي، جنهن کي آنڊن جو ڄار چيو ويندو آهي، روزي جي دوران معدي ۽ آنڊن ۾ صحت مند رَطُوبَت بڻجي ٿي، جنهن سان آنڊن کي نئي تازگي ۽ توانائي حاصِل ٿيندي آهي، اهڙي طرح روزيدار خُوراڪ کي هضم ڪرڻ وارين نالين جي بيمارين کان محفوظ ٿي ويندو آهي * روزي ۽ وُضو جي گڏيل اثرات مان دماغ ۾ رت جي گردش (Blood Circulation) جو بي مثال توازن قائِم ٿي ويندو آهي، جنهن سان دماغ صحت ماڻيندو آهي ۽ ذهني دٻاءُ کي