Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

رات آهي۔ جيڪو ان ۾ 12 رڪعت اهڙي طرح پڙھي جو هر رڪعت ۾ سوره فاتحه ۽ ڪا هڪ سورت پڙھي ۽ هر 2 رڪعت تي اَلتَّحِيات پڙھي ۽ پوري ٿيڻ تي سلام ڦيرائي، ان کان بعد 100 ڀيرا سُبْحَانَ اللہِ وَالْحَمْدُللہِ وَلَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاللہُ اَکْبَرْ پڙھي، 100 ڀيرا اِستِغفَار (مثلاً اَستَغفِرُ الله، اَستَغفِرُ الله پڙھي)، 100 ڀيرا درود شريف پڙھي ۽ پنهنجي آخرت بابت جنهن شيء جي چاهي دُعا گھري ۽ صبح جو روزو رکي ته الله پاڪ ان جون دعائون قبول فرمائيندو سواءِ ان دعا جي جيڪا گناھ جي لاءِ هجي۔([1])

 آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رجب جا روزا رکندا هئا

اي عاشقانِ رسول! رَجَبُ المُرَجَّب جي اهم ترين عبادت روزو رکڻ آهي۔ حضرت عُروَه بن زبير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان پڇا ڪئي: ڇا الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رجبُ المُرَجَّب ۾ روزو رکندا هئا؟ فرمايائون: ها! (روزا به رکندا هئا) ۽ ان کي اهميت به ڏيندا هئا۔ ([2])

 2سال جي عبادت جو ثواب

  جنّتي صحابي حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ نامدار، ٻنهي جھانن جي مالِڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن ماھ حرام (حُرمت وارن مهيني) ۾ 3 ڏينهن خميس، جمعي ۽ ڇنڇر جا روزا رکيا، ان جي لاءِ ٻن سالن جي عبادت جو ثواب لکيو ويندو۔([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي ماھِ حرام مان هي ئي 4 مهينا يعني ذيقعده، ذو الحج، محرم ۽ رجب مراد آهن، ان 4 مهينن مان جنهن مهيني ۾ به خميس، جمعي ۽


 

 



[1]...شُعَبُ الْاِیمان، باب الصیام، جلد:3، صفحہ:374، حدیث:3812۔

[2]...کنزالعمال، جزء:8، جلد:4، صفحہ:301، حدیث:24596۔

[3]...معجم اوسط، جلد:1، صفحہ:485، حدیث:1789۔