Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

ڇنڇر جو روزو رکندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻن سالن جي عبادت جو ثواب ماڻيندا۔

تیرے کرم سے اے کریم!          مجھے کون سی شے ملی نہیں

جھولی ہی میری تنگ ہے          تیرے یہاں کمی نہیں

جيڪو گھرو عطا ڪيو ويندو

 روايتن ۾ آهي ته * جنهن رجب جا 7 روزا رکيا، ان جي لاءِ جهنّم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن * جنهن رجب شريف جا 10 روزا رکيا، اهو الله پاڪ کان جيڪو گھرندو آهي، الله پاڪ ان کي اهو عطا فرمائيندو آهي * ۽ بيشڪ جنّت ۾ هڪ محل آهي، ان محل جي سامهون دُنيا هڪ پکي جي آکيري جيان آهي، ان محل ۾ صِرف اهو داخِل ٿيندو جنهن رَجب ۾ روزا رکيا هوندا۔([1])

عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل           رجب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولا([2])

هڪ جنتي نهر جو نالو: رجب آهي

 جنّتي صحابي حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنّت ۾ هڪ نهر آهي، جنهن کي رَجَب چيو ويندو آهي، ان نهر جو پاڻي کير کان وڌيڪ اڇو ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺو آهي، جيڪو رَجَب شريف جو هڪ روزو رکي، الله پاڪ ان کي ان نهر مان سيراب ڪندو۔([3])

رجب جو روزو گناهن جو ڪفارو آهي

سُلطانُ المُفَسِّرِين، حضرت عبد الله بن عبَّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، بي


 

 



[1]...اسلامی مہینوں کے فضائل، صفحہ:132-133۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:98۔

[3]...شُعَبُ الایمان، باب فِی الصِّیَام، جلد:3، صفحہ:368، حدیث:3800۔