Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
هجي ته هٿ روڪي وٺي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هو تندرست رهندو۔
ان غير مسلم آيت ٻُڌي چيو: ٺيڪ آهي اهو ته مڃي ورتو ته قرآنِ ڪريم چند لفظن ۾ سڄي عِلمِ طِب (Medical Science) جو خلاصو بيان ڪيو آهي پر توهان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن بابت ڪجھ ناهي فرمايو، امام زَينُ العَابِدين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: منهنجي ناني سائين، سلطانِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون هزارين حديثون آهن، صِرف هڪ ئي حديث ۾ پاڻ عِلمِ طِب جو خُلاصو بيان ڪيو آهي، جيئن حديثِ پاڪ آهي: سڀ کان بُرو ٿانءُ جنهن کي انسان ڀري ٿو، اهو ان جو پيٽ آهي، انسان کي صرف ڪجھ ئي گرھ ڪافي آهن، جيڪي ان جي پٺي سڌي رکن۔([1]) ان غير مسلم ڊاڪٽر جڏهن اها حديثِ پاڪ ٻُڌي ته چيو: مَا تَرَکَ کِتَابُکُمْ وَلَا نَبِیُّکُمْ لِجَالِیْنُوْسَطِبًّا يعني توهان جي ڪتاب ۽ توهان جي نبيءَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جالينوس (جيڪو پنهنجي وقت جو تمام وڏو حڪيم گذريو آهي، ان) جي لاءِ ڪجھ ڇڏيو ئي ناهي، (سڄي ئي طب جو خُلاصو بيان ڪري ڇڏيو آهي)۔([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! جديد ميڊيڪل سائنس جو به اهو مڃڻ آهي ته
Fasting is the Key to Healthy Life. (روزو صحت مند زندگي جي چاٻي آهي)
پهريان جڏهن ميڊيڪل سائنس گھڻي ترقي نه ڪئي هئي، ان وقت تائين ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ هو ته روزو صِرف هاضمي واري نِظَام (Digestive System) جي لاءِ فائديمند آهي پر جيئن جيئن ميڊيڪل سائنس (Medical Science) ترقي ڪندي پئي وڃي، روزي جا طِبّي فائدا (Medical Benefits) به ويتر وڌيڪ سامهون پيا اچن، جديد ميڊيڪل سائنس جو اهو مڃڻ آهي ته روزو طِبّي لحاظ کان تمام وڏو ڪرشمو آهي، روزي جي برڪت سان مِعدو ۽ هاضمي وارو نظام (Digestive System) ته ٺيڪ ٿيندو ئي آهي، ان سان گڏوگڏ روزي جي برڪت سان ٻين کوڙ