Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
ضلعي اَٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گناهن سان ڀريل زندگي گذاري رهيو هئس، فلمون ڏسڻ، آواره گردي، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامِل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، ان مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي نماز پڙھڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد ۾ ويس، مغرب کان بعد بيان ٻُڌي وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال جي رسالي جو تعارُف ڪرايو، رسالو نيڪ اَعمَال ۾ لکيل نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ جا مدني گل ڏسي مون کي گھڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صُورت ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي اِصلاحِ اُمَّت جي لاءِ فڪر ڏسي مون هٿوهٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏنو ۽ عطّاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامِل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دِل گناهن سان بيزار ۽ نيڪين ڏانهن مائل ٿي وئي، مون گناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول کي دِل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اَخلاق سَنوَرجڻ لڳا، منهنجي هن تبديلي جو منهنجي گھر وارن تي به سٺو اَثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! آهسته آهسته سڄو گھراڻو ئي قادري، رضوي، عطّاري ٿي ويو، گھر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويو ۽ گناهن ڀري چينلز جي بدران مدني چينل هلڻ لڳو۔([1])
خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو نیک ہو امَّت اے نانائے حسین
’’مَدنی اِنعامات‘‘ کی ہو ریل پیل نیک ہو امَّت اے نانائے حسین([2])
نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ هاڻي مدني انعامات کي نيڪ اَعمَال چيو ويندو آهي۔