Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

چين دِلين جي چين، نبي حَرَمَين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: رَجَب جي پهرين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفارو آهي، ٻي ڏينهن جو روزو ٻن سال جو ۽ ٽي ڏينهن جو روزو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي (يعني رَجَب شريف جا اهي روزا گُنَاھ صَغيره جي معافي جو ذريعو بڻجي ويندا آهن)۔ ([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي ٻيڙيءَ  ۾ رجب جي روزن جي بهار

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: * جنهن رجب جو هڪ روزو رکيو ته اهو هڪ سال جي روزن جيان هوندو * جنهن ست روزا رکيا، ان تي جهنّم جا ست ئي دروازا بند ڪيا ويندا * جنهن اٺ روزا رکيا، ان جي لاءِ جنّت جا اٺ ئي دروازا کوليا ويندا * جنهن ڏھ روزا رکيا، اهو الله پاڪ کان جيڪو ڪجھ گھرندو، الله پاڪ ان کي عطا فرمائيندو * ۽ جنهن پندرهن روزا رکيا ته آسمان مان هڪ اِعلان ڪرڻ وارو اِعلان ڪندو آهي ته (اي ٻانها!) تنهنجا اڳوڻا گُنَاھ بخشيا ويا آهن، سو تون نئين سِري کان عَمَل شروع ڪر جو تنهنجون بُرائيون نيڪين سان بدليون ويون آهن۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ فرمايو: * جيڪو هن کان وڌيڪ ڪري، الله پاڪ ان کي وڌيڪ ڏيندو * ۽ رجب ۾ نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيڙيءَ ۾ سُوار ٿيو، پاڻ به روزو رکيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ موجود ماڻهن کي به روزي جو حڪم ڏنو۔ سندن ٻيڙي 10 محرم تائين 6 مهينا سَفَر ۾ رهي۔([2])

          پيارا اسلامي ڀائرو! رَجَب شريف ۾ نفلي روزو رکڻ جون برڪتون ئي برڪتون آهن. الله پاڪ اسان سڀني کي رَجَب شريف جون برڪتون ماڻڻ ۽


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:311-312، حدیث:5051۔

[2]...شُعَبُ الایمان، باب فِی الصِّیام، جلد:3، صفحہ:368، حدیث:3801۔