Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِڪاف جي معني آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ نيت دِل جي ارادي کي چئبو آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضِري نصيب ٿئي، هر ڀيرو ياد ڪري دِل ۾ ارادو رکي عربي، سنڌي يا ڪنهن به زبان ۾ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ گھرجي! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره شرعاً جائِز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪنداسين ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: بيشڪ قيامت جي ڏينهن منهنجي ويجھو اهو هوندو جنهن دُنيا ۾ مون تي گھڻا درود پڙھيا هوندا۔([1])

سُنتے ہیں کہ محشر میں صِرْف اُن کی رَسائی ہے           گر اُن کی رسائی ہے، لَو جب تو بَن آئی ہے([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...ترمذی، ابوابُ الْوِتْر، صفحہ:144، حدیث:484۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:192۔