Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

واقعو آهي ته هڪ شخص ڪافي عرصي کان ڪنهن عورت تي عاشق هو، هڪ ڀيري ان پنهنجي معشوقه کي قابُو ڪيو۔ انهيء دوران ان ماڻهن جي ڀڄ ڊوڙ محسوس ڪئي، ان اندازو لڳايو ته ماڻهو چنڊ ڏسي رهيا آهن، ان عورت کان پڇيو: ماڻهو ڪهڙي مهيني جو چنڊ ڏسي رهيا آهن؟ عورت چيو: رَجَب جو۔ اهو شخص توڙي جو غير مسلم هو پر رَجَب شريف جو نالو ٻڌندي ئي رَجَب جي تعظيم ۾ يڪدم پري ٿي ويو ۽ بُري ڪم کان رڪجي ويو۔ ان جو هي عَمَل الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿي ويو، جيئن ته الله پاڪ حضرت عيسيٰ رُوح الله عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته اسان جي فُلاڻي ٻانهي کان ملاقات جي لاءِ وڃو! حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان جي ملاقات لاءِ تشريف وٺي ويا ۽ ان کي الله پاڪ جو حڪم ۽ پنهنجي تشريف آوري جو سبب ٻڌايو، اهو ٻڌندي ئي ان غير مسلم جي دِل نُورِ اسلام سان جڳمڳائڻ لڳي ۽ ان يڪدم اسلام قبول ڪري ورتو۔([1])

سُبحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺيون اوهان رَجَب شريف جون بهارون! رَجَبُ المُرَجَّب جي تعظيم ڪري جڏهن هڪ غير مسلم کي ايمان جي دولت نصيب ٿي وئي ته جيڪو مسلمان ٿي رَجَبُ المُرَجَّب جو احترام ڪندو ان کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا انعام ملندا...!!

بخش دے میری ساری خطائیں        کھول دے مجھ پر اپنی عطائیں

برسا دے رحمت کی برکھا                                  یااللہ!  مری  جھولی  بھر  دے([2])

 حُرمَت وارن مهينن جو احترام ڪريو!

اي عاشقانِ رسول! رَجَب، ذيقعده، ذي الحج ۽ مُحَرَّم هي 4 حُرمت وارا مهينا آهن، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:


 

 



[1]...نفیس الواعظین، صفحہ:378-379۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:123 ۔