Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
هن جي هر هر گھڙي ۾ الله پاڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي باھ کان نجات عطا فرمائي ٿو۔([1]) *صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان رَجَبُ المُرَجَّب ۾ عُمرو ڪرڻ پسند ڪندا هئا۔([2]) تنهنڪري جنهن کان ٿي سگھي هو عمرو ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪري۔ زهي نصيب! الله پاڪ جو مهينو (يعني رجب شريف)الله پاڪ جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ شهر مدينهءِ منوره ۾ گذارڻ نصيب ٿي وڃي
میں مکّے میں آؤں، مدینے میں آؤں بنا کوئی ایسا سبب یااِلٰہی!
کرم ایسا کر دے مدینے میں آکر گزاروں میں پھر روز و شب یاالہٰی!([3])
* الله وارن جو معمول رهيو آهي ته رَجَبُ المُرَجَّب ۾ مري ويل مسلمانن کي ڪثرت سان اِيصالِ ثواب ڪندا آهن، اِيصَالِ ثواب 12 مهينا ڪري سگھون ٿا، البت رَجَبُ المُرَجَّب ۾ هن جو گهڻو اهتمام هوندو آهي۔ خصوصاً رَجَبُ المُرَجَّب ۾ امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ڪونڊن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، عام طور تي ماڻهو 21 رجب تي ڪونڊن جو ختمو ڏياريندا آهن، اِهو به جائِز آهي، البت اَصل ۾ ڪونڊن جو ختمو 15 رجب تي ٿيڻ گهرجي، ڇوته 15 رجب تي به امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي وِصال جو قول آهي۔
* اهڙي طرح رجب المرجب ۾ نفل نمازن جي به ڪثرت ڪرڻ گھرجي۔ حضرتِ انس رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رجب ۾ هڪ رات آهي جو ان ۾ نيڪ عمل ڪرڻ واري جي لاءِ 100 سال جي نيڪين جو ثواب لکيو ويندو آهي ۽ اها رجب جي ستاويهين