Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکندس * سڄو بيان ٻڌندس * اَدب سان ويهندس *  تَوَجّهه سان ٻُڌندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس * جيڪو ٻُڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

نُوراني جبل

 هڪ ڀيري الله پاڪ جي پياري نبي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو هڪ جڳمڳائيندڙ نوراني جبل وٽان گذر ٿيو۔ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾عرض ڪيو؛ ياالله پاڪ! هن جبل کي ڳالهائڻ جي قوت عطا فرماءِ۔ الله پاڪ سندن دُعا قبول فرمائي، پوءِ جبل چوڻ لڳو؛ اي  رُوحُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام! توهان ڇا ٿا چاهيو؟ فرمايائون؛ پنهنجو حال بيان ڪر (يعني تون نوراني ڇو آهين؟ پنهنجي جڳمڳائڻ جو سبب ٻڌاءِ) جبل چوڻ لڳو؛ منهنجي اندر هڪ شخص رهي ٿو (انهيء جي بدولت مان جڳمڳائي رهيو آهيان)۔ حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيهر الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! هن شخص کي مون تي ظاهر فرماءِ۔ سندن اها دُعا به قبول ٿي، يڪدم ئي اهو جبل ڦاٽي پيو ان مان چنڊ جھڙو چمڪندڙ چهري وارو هڪ نيڪ شخص ظاهر ٿيو۔ ان نيڪ شخص پنهنجو حال بيان ڪندي عرض ڪيو: مان الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ ڪليمُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جو اُمّتي آهيان،


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔