Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

پري ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي * روزو جگر (Liver) تي حيران ڪندڙ حد تائين اثر انداز ٿيندو آهي۔ اسان جو جگر 15 قسم جا ڪم انجام ڏئي ٿو، اسان ٿورو به کائون، ايستائين جو 100 گرام خوراڪ به معدي ۾ پهچي ته اسان جو سڄو هاضمي وارو نِظَام پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جگر فوري طور تي مَصرُوف ٿي ويندو آهي، ايئن مسلسل مَصرُوف رهڻ سبب جگر ٿڪاوٽ جو شِڪار ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجو ڪم چڱي طرح سرانجام ناهي ڏيندو، جڏهن اسان روزو رکون ٿا ته ان جي برڪت سان جگر کي به آرام جو موقعو ملي ويندو آهي، روزي جي حالت ۾ جگر توانائي پهچائڻ واري غذا کي گڏ ڪرڻ سان وڏي حد تائين آزاد ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي توانائي قُوّتِ مدافعت (Immunity) کي مضبوط ڪرڻ تي لڳائي ٿو، جنهن سان اسان جي قُوَّتِ مدافعت (Immunity) به وڌي ٿي۔

روزي جا 11 طِبِّي فائدا

مجموعي طَور تي طِبِّي اعتبار سان روزو الله پاڪ جو تمام وڏو انعام آهي جيڪو اسان کي کوڙ سارين بيمارين کان نجات به ڏئي ٿو ۽ ڪيئي بيمارين کان محفوظ به رکي ٿو۔ (1): روزي جي برڪت سان معدي (Stomach) جون تڪليفون، ان جون بيماريون صحيح ٿي وينديون آهن ۽ هاضمي وارو نظام (Digestive System) بهتر ٿي ويندو آهي (2): روزو شوگر ليول، ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر ۾ اعتدال آڻي ٿو ۽ ان جي ڪري دل جو دورو پوڻ (Heart Attack) جو خطرو نٿو رهي (3): روزي جي برڪت سان جسماني ڇَڪ، ذهني ورم، ڊپريشن ۽ نفسياتي بيمارين جو خاتمو ٿئي ٿو (4): روزي جي برڪت سان ٿولھ ۾ ڪمي اچي ٿي ۽ اِضافي چرٻي ختم ٿي ويندي آهي (5): روزي جي برڪت سان بي اولاد عورتن کي اولاد ٿيڻ جا امڪانات ڪيئي ڀيرا وڌي وڃن ٿا.([1]) (6): روزي جي برڪت سان قُوَّتِ مدافعت وڌي ٿي (7): روزي جي برڪت سان


 

 



[1]...صراط الجنان، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:184، جلد:1، صفحہ:293۔