Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
بيان ته اهڙو لاجواب آهي جو ان جو بيان ٿي ئي نٿو سگھي۔
ميں فِدَا تم آپ هو اپنا جواب
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! هيءَ ته هئي جسماني طبيبن (Doctors) جي تحقيق!! هاڻي اچو! روحاني طبيبن يعني صُوفي سڳورن جي خدمت ۾ حاضِري ڏيون ٿا ۽ سمجھون ٿا ته ڇا روزو روحاني اعتبار سان به صحت بخش آهي؟
هن حوالي سان روحاني طبيب (يعني صُوفي سڳورا) هي وضاحت ڪن ٿا ته اسلام جي ٻڌايل ٻين عِبَادتن ۾ روزي کي هڪ خاص مقام ۽ رُتبو حاصِل آهي، جيئن حديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي؛ الله پاڪ فرمائي ٿو: اَلصَّوْمُ لِیْ وَ اَنَا اَجْزِیْ بِہٖ يعني روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ هن جي جزا به مان ئي ڏيندس۔([1])
هن حديثِ قُدسي ۾ الله پاڪ روزي جي پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي، جڏهن ته نماز به الله پاڪ ئي جي لاءِ آهي، حج، زڪوٰة، تمام عبادتون الله پاڪ ئي جي لاءِ آهن پر الله پاڪ خاص روزي جي باري ۾ فرمايو ته روزو منهنجي لاءِ آهي۔ حُجَّةُ الاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: روزي کي ايئن خاص فرمائڻ ۾ 2 حڪمتون آهن: (1): روزو عَمَل (يعني کائڻ پيئڻ وغيره) کان رُڪجڻ جو نالو آهي ۽ هي ذاتي طور تي لڪيل عَمل آهي جيڪو نظر ناهي ايندو، جڏهن ته ٻيون عِبَادتون ماڻهن کي نظر اينديون آهن، روزو اها خاص عبادت آهي جنهن کي صِرف الله پاڪ ئي ملاحظه فرمائي ٿو، يعني اِخلاص جيڪو هر نيڪي جي اَصل آهي، هي روزي ۾ گھڻو پاتو ويندو آهي، ان ڪري فرمايو:: اَلصَّوْمُ لِیْ (يعني روزو منهنجي لاءِ آهي)۔ (2): امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: روزو رب جي دُشمن يعني شيطان تي غلبو ماڻڻ جو ذريعو آهي ڇوته