Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! روزو صحت مند زندگي (Healthy Life) جو ضامن آهي، روزو رکڻ سان جسماني صحت (Physical Health) به ملي ٿي ۽ رُوحاني تندرستي (Spiritual Health) به نصيب ٿئي ٿي، روزو ظاهري عضوئن ۾ به نِکار پيدا ڪري ٿو ۽ دِل تان گناهن جو مير ڌوئي اسان جي دِل کي اُجرو، صاف ۽ روشن به بڻائي ٿو.

جسماني ۽ رُوحاني صحت جو  هڪ راز

هي ڳالھ طَئي آهي ته گھٽ کائڻ سان ماڻهو جسماني طور تي (Physically) تندرست ۽ توانو رهي ٿو ۽ هي به طئي آهي ته نفساني خواهشن جي مخالفت ڪرڻ سان انسان کي رُوحاني صحت (Spiritual Health) ملي ٿي ۽ دِل پاڪ ٿئي ٿي، الحمدُ لله! روزو رکڻ سان هي ٻئي ڳالهيون ملي وڃن ٿيون، روزو رکي سڄو ڏينهن بُک اُڃ به برداشت ڪرڻي پوي ٿي ۽ نفساني خواهشن کان به رڪڻو پوي ٿو، ايئن روزو رکڻ سان ماڻهو جسماني طور تي به تندرست ٿي ويندو آهي ۽ روحاني اعتبار سان به صحت ملندي آهي ۔

پُٽ! روزو نه ڇڏجان

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا والِدِ محترم حضرت مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ڪامل ولي هئا، سندن دُنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ کان بعد جي ڳالھ آهي، هڪ ڀيري رَجَبُ شريف جي مهيني ۾ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي شهزادي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خواب ۾ اچي فرمايائون: پٽ! هن ڀيري رمضان المبارڪ ۾ گھڻو بيمار ٿيندين، روزو نه ڇڏجان۔ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيئن والد صاحب فرمايو هو ايئن ئي ٿيو، رمضان المبارڪ ۾ مون کي تيز مرض کي منهن ڏيڻو پيو، طبيب (يعني ڊاڪٽر) وغيره چيو ته روزو نه رکو پر مون بِحَمْدِ اللہِ تَعَالٰی روزو نه ڇڏيو ۽ انهيءَ جي برڪت بِفَضْلِہٖ تَعَالٰی شفا ڏني جو حديثِ پاڪ ۾